bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 15
Proverbs 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 16 →
1
نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.
2
جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بيعقلن جي وات مان بيوقوفي وهيو نڪري.
3
خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.
4
مهربانيءَ وارا لفظ حياتي بچائيندڙ دوا مثل آهن. مگر ٺڳيءَ واريون ڳالهيون دل کي ٽوڙيو ڇڏين.
5
بيعقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن.
6
سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي.
7
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
8
سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.
9
بدڪارن جي چال چلت کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جيڪي سچائيءَ سان ٿا هلن تن سان هو محبت ٿو رکي.
10
جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.
11
جڏهن تہ قبر ۽ پاتال ئي خداوند کان ڳجھا ڪين آهن، تڏهن انسان پنهنجي دلين جا خيال کانئس ڪيئن ٿا لڪائي سگھن؟
12
هٺيلو ماڻهو تنبيهہ کي پسند نہ ٿو ڪري، تنهنڪري هو عقلمندن جي مجلس ۾ هرگز نہ ٿو وڃي.
13
دل جي خوشي چهري کي رونق بخشيو ڇڏي، مگر دل جي غمگيني انسان جو حليو ئي بگاڙيو ڇڏي.
14
سمجھہ واري ماڻهوءَ جي دل وڌيڪ ڄاڻ جي طلب ۾ رهي ٿي، مگر بيعقل ماڻهو بيوقوفيءَ جا ئي بکايل ٿا رهن.
15
بيشڪ غريب ماڻهوءَ جي زندگي مشڪلاتن ۾ ٿي گذري، مگر خوشدل ماڻهو ان حال ۾ بہ زندگيءَ جو لطف پيا ماڻين.
16
خدا جو خوف رکندي گھٽ دولتمند هجڻ، انهيءَ وڏي دولتمند هجڻ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پريشانيون ئي پريشانيون هجن.
17
ڪلفت وارن قوفتن کان، سڪ واري سبزي ڀلي.
18
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.
19
سُست ماڻهوءَ جو رستو ائين آهي، جيئن ڪنڊن وارو پيچرو هجي، مگر سچائيءَ وارن جي واٽ ائين آهي، جيئن سنئين سڌي شاهي سڙڪ هجي.
20
ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بيعقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين.
21
بيعقل ماڻهو پنهنجي بيوقوفيءَ تي خوش ٿا ٿين، مگر عقلمند ماڻهو اهو ئي ٿا ڪن جيڪو درست آهي.
22
صلاح مشوري کان سواءِ ڪوبہ منصوبو ڪاميابيءَ سان پورو ٿي نہ ٿو سگھي، مگر گھڻن جي صلاح سان ئي اهو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي ٿو.
23
چڱي ڳالهہ ٻڌائڻ سان خوشي ٿي ٿئي، بلڪ موزون وقت تي صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ بہ مزو اچي ٿو.
24
عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.
25
جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنونزالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.
26
بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.
27
ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.
28
سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.
29
خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو.
30
مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.
31
جيڪو زندگي سڌاريندڙ سيکت تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عقلمندن ۾ شمار ڪيو ويندو.
32
تربيت کان منهن موڙڻ وارو پنهنجي جان جو دشمن آهي، مگر تنبيهہ تي ڌيان ڏيڻ وارو سمجھہ حاصل ڪري ٿو.
33
خداوند جو خوف ڏاهپ جي سکيا آهي، نماڻائيءَ سان ئي مان مرتبو ملي ٿو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31