bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 12
Proverbs 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
1
جيڪو سمجھہ ۾ وڌڻ چاهي ٿو، سو خوشيءَ سان سيکت کي قبول ڪندو. مگر جيڪو سيکت کان نفرت ٿو ڪري، سو بيوقوف آهي.
2
نيڪ ماڻهن تي خداوند جي رضامندي آهي، مگر برا منصوبا بڻائڻ وارن کي هو ڏوهاري ٿو قرار ڏئي.
3
بدڪاريءَ سان ڪوبہ انسان قائم رهي نہ ٿو سگھي، مگر سچار ماڻهو اونهي پاڙ لڳل وڻ جيان قائم رهي ٿو.
4
نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بيشرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.
5
ايماندار ماڻهوءَ جو ارادو ٻين جي لاءِ نيڪ هوندو آهي، مگر بدڪار ماڻهو ٻين جي لاءِ برو سوچيندو آهي.
6
بدڪارن جون ڳالهيون ڦندي ۾ ڦاسائڻ مثل آهن، مگر سچارن جون ڳالهيون ڇڏائڻ جو وسيلو ٿيون بڻجن.
7
بدڪارن جي جڏهن پڇاڙي ٿئي ٿي، تڏهن هو هميشہ لاءِ نيست وَ نابود ٿيو وڃن. مگر سچار ماڻهن جا گھراڻا هميشہ قائم رهندا ٿا اچن.
8
عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بيعقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.
9
جيڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو معتبر چوي ٿو، جڏهن تہ مانيءَ جو بہ محتاج آهي، تنهن کان اهو ماڻهو وڌيڪ بهتر آهي، جيڪو عام ماڻهو هجڻ باوجود هڪ نوڪر رکي سگھي ٿو.
10
سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.
11
پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بيوقوفي آهي.
12
بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.
13
بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.
14
جنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻولهہ چڱي آهي، تنهن کي نتيجو بہ چڱو ملندو. جنهن جو عمل چڱو آهي تنهن کي انهيءَ جو اجر ملندو.
15
بيوقوف ماڻهو هميشہ اهو ئي ٿا سمجھن تہ هو پاڻ صحيح راهہ تي ٿا هلن. مگر ڏاها ماڻهو صلاح مصلحت تي ڌيان ڏين ٿا.
16
بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
17
سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.
18
تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.
19
ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.
20
بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.
21
سچار ماڻهوءَ تي ڪا آفت ڪانہ ايندي، مگر بدڪار ماڻهو سدائين مصيبتن ۾ هوندا.
22
ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.
23
سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بيوقوف ماڻهو پنهنجي بيعقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.
24
محنت ڪرڻ وارا حاڪم بڻجي سگھن ٿا، مگر سُست ماڻهو غلاميءَ ۾ پيا لوڙين ٿا.
25
ڳڻتيءَ جهڙي ڪا بيماري ڪانهي، خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ڪانهي.
26
سچار ماڻهو دوستن جي رهنمائي ٿا ڪن، مگر بدڪارن جي راهہ گمراهي آهي.
27
سُست شڪاري پنهنجو شڪار بہ نہ ٿو پڪڙي سگھي، مگر محنتي ماڻهو گھڻو ڪجھہ حاصل ڪري سگھي ٿو.
28
سچائيءَ ۾ زندگي آهي، مگر بدڪاريءَ ۾ موت آهي.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31