bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 3
Proverbs 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 4 →
1
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.
2
اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.
3
ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.
4
ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.
5
اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.
6
پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.
7
اوهين پنهنجو پاڻ کي گھڻو عقلمند نہ سمجھو، بلڪ خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو.
8
جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اهو ڄڻ اوهان لاءِ هڪ فائديمند دوا مثل ٿيندو، جيڪا اوهان جي زخمن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ اوهان جا دُک دور ڪري ڇڏيندي.
9
اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.
10
اوهين ائين ڪندا تہ اوهان جا گدام اناج سان ڀريل رهندا ۽ اوهان جا مٽ انگورن جي مئي سان ٽمٽار هوندا.
11
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو.
12
انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.
13
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي ڏاهپ حاصل آهي ۽ جيڪي سمجھہ رکن ٿا.
14
ڏاهپ چانديءَ کان وڌيڪ قيمتي آهي، بلڪ انهيءَ مان سون کان بہ وڌيڪ نفعو حاصل ٿئي ٿو.
15
ڏاهپ هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي. اوهين جن بہ شين جي خواهش رکو ٿا، سي سڀ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجھہ بہ نہ آهن.
16
ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.
17
ڏاهپ زندگيءَ ۾ خوشيون ٿي آڻي ۽ امن وَ سلامتيءَ جي راهہ ٿي ڏيکاري.
18
جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.
19
بيشڪ خداوند ڏاهپ سان ڌرتيءَ جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ نهايت سمجھہ سان آسمان کي قائم ڪيائين.
20
هن جي ڏاهپ جي وسيلي زمين جي اونهاين وارو پاڻي نڪري نهرن جي صورت ۾ وهي ٿو، ۽ ڪڪر آسمان مان برسات ٿا وسائين.
21
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.
22
اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون.
23
بلڪ اوهين بيخوف وَ خطر پنهنجي راهہ تي هلندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ ٺوڪر نہ کائيندا.
24
اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا.
25
سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.
26
انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جو سهارو بڻبو ۽ اوهان کي هر نقصان کان محفوظ رکندو.
27
جڏهن بہ ڪنهن کي اوهان جي مدد جي ضرورت پوي، تڏهن اوهين انهيءَ جي هرممڪن مدد ڪجو.
28
جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي اڄ ئي مدد ڪري سگھو ٿا تہ انهيءَ کي ائين چئي نہ موٽايو تہ ”سڀاڻي اچجانءِ تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“
29
اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي خلاف ڪوبہ منصوبو نہ جوڙجو، جڏهن تہ هو اوهان تي ڀروسو رکندي اوهان جي پاڙي ۾ رهي ٿو.
30
جيڪڏهن ڪنهن اوهان کي نقصان نہ پهچايو آهي تہ انهيءَ سان اوهين بنا سبب جھڳڙو نہ ڪجو.
31
زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِقدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو،
32
ڇاڪاڻ تہ ڏنگي ماڻهوءَ کان خداوند کي نفرت آهي. پر سچارن کي هو پنهنجو گھاٽو دوست رکي ٿو.
33
بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.
34
جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.
35
ڏاهن ماڻهن کي عزت عطا ڪئي ويندي، جڏهن تہ بيوقوفن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31