bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 5
Proverbs 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 6 →
1
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو،
2
تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.
3
غير عورت جي چپن ۾ ماکيءَ جهڙو مٺاس هوندو آهي ۽ سندس منهن تيل کان بہ وڌيڪ سڻڀو لڳندو آهي. پر اوهين ٻئي ماڻهوءَ جي زال جي ورغلائڻ ۾ نہ اچجو،
4
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو انجام زهر جهڙو ڪؤڙو ۽ ٻِہمنهين تلوار جهڙو تکو آهي.
5
هن جا پير موت ڏانهن وٺيو وڃن. سو خبردار! سندس قدم اوهان کي بہ وڃي قبر تائين پهچائيندا.
6
هوءَ زندگيءَ ڏانهن ويندڙ رستو وڃائي ويٺي آهي، بلڪ گمراهہ ٿي ويئي آهي ۽ سمجھي نہ ٿي تہ ڇا ڪري رهي آهي.
7
تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. آءٌ جيڪي چوان ٿو تنهن تي دل وَ جان سان عمل ڪريو.
8
پرائي عورت کان پري رهو، انهيءَ جي گھر جي دروازي جي بہ ويجھو نہ وڃو.
9
متان اوهين پنهنجي نيڪ نامي وڃائي ويهو ۽ انهيءَ عورت جي مڙس هٿان جوانيءَ ۾ ئي بيرحميءَ سان قتل ڪيا وڃو.
10
متان ڌاريا ماڻهو اوهان جو مال ملڪيت ڦٻائي وڃن ۽ اوهان جي محنت وسيلي ڪيل ڪمائي ڪن ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هلي وڃي.
11
پوءِ جڏهن اوهين مرڻ وارا هوندا ۽ اوهان جو ماس ۽ جسم ڳري ويل هوندو، تڏهن اوهين پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪندا تہ
12
”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.
13
مون پنهنجي استادن جو چيو نہ مڃيو. هائو، پنهنجي انهن سکيا ڏيندڙن ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنم.
14
ايتري قدر جو هاڻي آءٌ سڄي لوڪ اڳيان خوار خراب ٿيو آهيان.“
15
اوهان جي زال اوهان جي پنهنجي کوهہ مثل آهي. سو اوهين ساڻس وفادار ٿي رڳو انهيءَ کوهہ مان ئي پاڻي پيئو.
16
اوهين ڇو ٻين چشمن مان پاڻي پيئو جن جو پاڻي رستي جي ناليءَ ۾ وهي ٿو؟
17
اوهين پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهنجيءَ زال لاءِ ئي وقف ڪري ڇڏيو ۽ غير عورتن سان همبستري نہ ڪريو.
18
سو پنهنجي ئي چشمي مان پاڻي پي سرها ٿيو، يعني انهيءَ زال سان خوشيون ماڻيو جنهن سان اوهان پنهنجي جوانيءَ ۾ شادي رچائي هئي.
19
اها اوهان لاءِ بلڪل هرڻيءَ وانگر خوبصورت ۽ دلپسند آهي ۽ سندس بدن اوهان جي من کي موهيندڙ آهي. اوهين هميشہ انهيءَ جي ئي محبت ۾ مست رهو.
20
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.
21
ياد رکو، انسان جا رستا خدا کان ڳجھا نہ آهن. هو اوهان جي سڀني واٽن کي ڏسي ٿو.
22
بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.
23
اهي پنهنجي وڏي بيعقليءَ جي ڪري گمراهہ ٿي ويندا. هائو، اهي نصيحت تي عمل نہ ڪرڻ ڪري مري ويندا.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31