bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 19
Proverbs 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
1
ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي.
2
سوچ ويچار کان سواءِ جوش وَ جذبي جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪو هلڻ ۾ جلدبازي ٿو ڪري سو ٿاٻڙجي ڪري ٿو.
3
ماڻهوءَ جي پنهنجي بيوقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.
4
دولتمنديءَ ۾ دوست وڌندا ٿا رهن، مگر غريبيءَ ۾ دوست گھٽبا ٿا رهن.
5
ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.
6
امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.
7
جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.
8
جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
9
ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو.
10
جيڪڏهن بيوقوف کي سکي زندگي گذارڻ نہ ٿي سونهين، تہ ڇا ڪنهن غلام کي بادشاهہ جي جاءِ تي حڪمراني ڪرڻ سونهين ٿي؟
11
غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.
12
بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.
13
بيوقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.
14
مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.
15
سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.
16
جيڪو خداوند جي حڪمن تي عمل ٿو ڪري، سو وڏي ڄمار ماڻيندو، مگر جيڪو سندس نافرماني ڪندو سو ضرور مرندو.
17
جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.
18
پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي.
19
غصيلو ماڻهو هميشہ مشڪلاتن ۾ ٿو رهي، ڀلي تہ جيڪڏهن ڪو ڪنهن مشڪل مان کيس ڇڏائي، تہ بہ اهو وري وري ائين ئي ڪندو رهي ٿو.
20
صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.
21
ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.
22
وفاداري هڪ سٺي ۽ پسنديدہ خوبي آهي. ڪوڙي شاهديءَ جي ڪمائيءَ کان غربت بهتر آهي.
23
خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا.
24
ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا.
25
ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.
26
جيڪو اولاد پنهنجي والدين سان خراب هلت هلي کين گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي، سو نفرت جوڳو ۽ خوار خراب اولاد آهي.
27
اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهان نصيحت وٺڻ ڇڏي ڏني، تہ جيڪا اوهان اڳ ۾ حاصل ڪئي آهي، تنهن کان بہ گمراهہ ٿي ويندا.
28
بيايمان شاهد انصاف کي خسيس ٿا سمجھن، ۽ بدڪار ماڻهو برائيءَ کي پسند ٿا ڪن.
29
ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بيوقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31