bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 27
Proverbs 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
1
ايندڙ وقت بابت ٻٽاڪ نہ هڻو، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ هاڻي يا هاڻي کان پوءِ ڇا ٿيندو.
2
اوهين پنهنجي تعريف پاڻ نہ ڪريو، ڀلي تہ ڪو ٻيو اوهان جي واکاڻ ڪري.
3
پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بيعقل جي بيعقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.
4
ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟
5
منهن تي سچ چئي ڏيڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو محبت هجڻ ڪري ڪجھہ لڪايو وڃي.
6
دوست جي هٿان پهتل زخم بہ وفا سان ڀرپور آهن، مگر دشمن جو ڳل سان لائڻ بہ سراسر دوکو ۽ فريب آهي.
7
ڍاول ماڻهوءَ کي ماکيءَ مان بہ سواد نہ ٿو اچي، مگر بکايل ماڻهوءَ کي بصر بہ مٺو ٿو لڳي.
8
پنهنجي وطن کان دور ماڻهو ائين آهي، جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري کان ڀٽڪي ويو هجي.
9
سُرهو تيل ۽ عطر دل کي فرحت ٿا ڏين، مگر سچي دوستي اڃا بہ وڌيڪ راحت واري آهي.
10
پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.
11
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاها بڻجي منهنجي دل کي خوش ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ طعني هڻندڙ کي آءٌ جواب ڏيئي سگھان.
12
سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بيسمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.
13
جيڪو ڪنهن اڻواقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي.
14
صبح جو سوير اُٿي ڪنهن ستل دوست لاءِ وڏي آواز سان دعا گھرڻ انهيءَ دوست جي نظر ۾ بددعا آهي.
15
جھيڙاڳل زال ائين تنگ ٿي ڪري، جيئن مينهن واري ڏينهن ڦڙ ڦڙ جو لڳاتار پوندو رهڻ.
16
اهڙيءَ زال کي خاموش ڪرائڻ ايترو مشڪل آهي جيترو هوا کي جھلي بيهڻ، يا زيتون جي تيل کي مٺ ۾ بند ڪرڻ.
17
جهڙيءَ طرح لوهہ لوهہ کي تکو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح انسان هڪٻئي جي ذهن کي سکيا ڏيئي تيز ڪن ٿا.
18
جيڪو ڪنهن ڦلدار وڻ جي سنڀال ٿو ڪري، سو انهيءَ جو ميوو ضرور کائيندو. ساڳي نموني جيڪو نوڪر پنهنجي مالڪ جي حفاظت ٿو ڪري، سو ضرور عزت حاصل ڪندو.
19
جيئن ماڻهو آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي قول ۽ فعل تي ويچار ڪرڻ سان پنهنجي شخصيت کي ڄاڻي سگھي ٿو.
20
جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.
21
چاندي توڙي سون باهہ ۾ پرکي سگھجن ٿا، مگر انسان جي پرک انهيءَ ۾ آهي تہ سندس تعريف ڪريو.
22
بيعقل ماڻهوءَ کي توڙي جو اُکري مُهريءَ ۾ اناج سان گڏ ڪُٽي ڪڍجي، تڏهن بہ هو بيعقل جو بيعقل ئي رهندو.
23
اي ڌنارؤ! پنهنجي رڍن ٻڪرين جي وقت سر سار سنڀال لهو.
24
انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.
25
سو جڏهن ٽڪرين تان ۽ ٻنين مان گاهہ لڻي گڏ ڪبو آهي ۽ سائو گاهہ نئين سر ڦٽي نڪرندو آهي،
26
تڏهن اوهين ڌڻ جي گھٽن جي اُن مان پنهنجي لاءِ ڪپڙا ٺاهي سگھو ٿا ۽ ٻڪرين مان ڪجھہ وڪڻي ٻني خريد ڪري سگھو ٿا.
27
ٻڪرين جو کير بہ اوهان ۽ اوهان جي گھر وارن لاءِ توڙي اوهان جي ٻانهين جي لاءِ جھجھو هوندو.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31