bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 6
Proverbs 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 7 →
1
اي منهنجا ٻارؤ! فرض ڪريو تہ اوهين ڪنهن اهڙي قرضدار جا ضامن پيا آهيو، جيڪو قرض واپس نہ ٿو ڪري سگھي.
2
تڏهن اوهين پنهنجي ڳالهين ۾ ئي ڦاٿل آهيو. هائو، اوهين پنهنجي ڪيل واعدي جا پابند آهيو.
3
سو اي منهنجا ٻارؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ ماڻهوءَ جي چنبي ۾ اچي ويا آهيو، تنهنڪري هاڻي هيئن ڪري پنهنجو پاڻ کي بچايو جو هڪدم وڃي نياز نِوڙت ڪندي انهيءَ ماڻهوءَ کان پنهنجي جان آجي ڪرايو.
4
اوهين سمهڻ ۽ ننڊ ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجھہ هڪدم ڪريو.
5
هائو، پاڻ کي انهيءَ قرض جي واعدي کان ائين بچائي وٺو، جيئن ڪا هرڻي يا ڪو پکي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
6
اوهان مان جيڪي سُست ۽ ڪاهل آهن سي ڪِولين کي جاچي ڏسن ۽ انهن جي زندگي گھارڻ جي طريقن مان وڃي سبق سکن.
7
انهن ڪِولين کي جيتوڻيڪ نہ ڪو سردار آهي ۽ نہ وري ڪو اڳواڻ يا ڪو حڪمران.
8
تنهن هوندي بہ اهي اونهاري ۾ لاباري جي مند ۾ سياري لاءِ پنهنجو کاڌو گڏ ڪري ٿيون رکن.
9
اڙي اي سُست وَ ڪاهلؤ! اوهين ڪيستائين ستا پيا هوندا؟ اوهين ڪڏهن پنهنجي ننڊ مان اٿندا؟
10
اڃا بہ چئو ٿا تہ ”ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي هڻي وٺون. ٻانهون سوڙهيون ڪري ٿورو آرام ڪري وٺون.“
11
پر ياد رکو، اوهين ننڊ ۾ ئي هوندا تہ غريبي اوهان تي ڪنهن رهزن وانگر اچي ڪڙڪندي. هائو، مفلسي اوهان تي ڪنهن هٿياربند ڌاڙيل جيان اچي حملو ڪندي.
12
خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن.
13
اهي ٻين کي ٺڳڻ لاءِ اکيون ٿا ڀڃن ۽ هٿن ۽ پيرن سان اشارا ٿا ڪن.
14
اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.
15
انهيءَ ڪري اوچتو ئي اوچتو مٿن آفت اچي ڪڙڪندي ۽ اهي ڀڄي ڀُري ويندا. سندن زخم لاعلاج هوندا.
16
ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي:
17
مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بيگناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،
18
بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،
19
ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.
20
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.
21
سندن ڳالهين کي هميشہ پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکو ۽ انهن کي پنهنجي ڳلي جو هار بڻائي ڇڏيو.
22
جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.
23
انهن جي هدايت ۽ تربيت هڪڙي ڏيئي مثل آهي جيڪا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ روشني ڏئي ٿي. سندن نصيحت اوهان کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٿي سيکاري.
24
سندن هدايتون اوهان کي بدڪار عورتن کان پري ٿيون رکن. هائو، غير عورتن جي هرکائيندڙ ڳالهين کان اهي اوهان کي محفوظ ٿيون رکن
25
تہ جيئن اوهين اهڙين عورتن جي حسن تي موهت نہ ٿي پئو. هائو، اوهين انهن جي نيڻن جا اسير نہ بڻجي وڃو.
26
ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.
27
جيڪڏهن ڪو پنهنجيءَ جھول ۾ ٻرندڙ ٽانڊا کڻندو، تہ ڇا انهيءَ جا ڪپڙا نہ سڙندا؟
28
جيڪڏهن ڪو ٻرندڙ ٽانڊن تي هلندو، تہ ڇا انهيءَ جا پير نہ سڙندا؟
29
ساڳيءَ طرح جيڪو ڪنهن ٻئي جي زال سان صحبت ٿو ڪري، ڇا اهو سزا کان بچندو؟
30
ماڻهو انهيءَ چور کي نہ ٿا ڌڪارين، جيڪو بکئي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪا شيءِ چورائي ٿو.
31
تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو. هائو، جيڪو ڪجھہ وٽس هوندو سو کيس ڏيڻو پوندو.
32
پر جيڪو ڪنهن غير عورت سان زناڪاري ٿو ڪري، سو بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي بيعقليءَ سان پنهنجو پاڻ کي تباهہ ٿو ڪري.
33
انهيءَ کي زخم رسندا ۽ ذلت جو منهن ڏسڻو پوندس. هائو، اهو هميشہ لاءِ خوار خراب ٿيندو.
34
انهيءَ سبب جو مڙس کي جڏهن غيرت ايندي آهي، تڏهن هو غضبناڪ ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس انتقام جي ڪا حد نہ هوندي آهي.
35
ان وقت هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو، جيتوڻيڪ هن کي ڪجھہ بہ آڇيو وڃي، تڏهن بہ هو راضي نہ ٿيندو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31