bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 9
Proverbs 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 10 →
1
ڏاهپ پنهنجو گھر جوڙيو آهي، هن انهيءَ لاءِ ست ٿنڀا گھڙي کڙا ڪيا آهن.
2
هن دعوت لاءِ جانور ڪُهي تيار ڪيا آهن ۽ مئي ۾ مصالحا ملائي تيار ڪئي اٿس. هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي.
3
ڏاهپ پنهنجي ٻانهين کي موڪليو آهي تہ اهي شهر جي تمام مٿاهين جاين تان پڪاري دعوت ڏين تہ
4
”اچو، اي بيسمجھہ انسانؤ! اچو.“ هائو، جن کي ڄاڻ ڪانهي تن کي سڏائي چوي ٿي تہ
5
”اچو، منهنجي ماني اچي کائو ۽ منهنجي گڏايل مئي اچي پيئو.
6
جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.
7
جيڪڏهن اوهين هٺيلي ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي تنبيهہ ڪري سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، تہ اوهان کي موٽ ۾ ذلت ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو.
8
سو ڪنهن هٺيلي ماڻهوءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، متان هو اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي. البت ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اوهين تنبيهہ ڪندا تہ هو اوهان جي عزت ڪندو.
9
اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي.
10
خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، پاڪ خدا جي سڃاڻپ ئي سمجھہ آهي.
11
آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا.
12
جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“
13
بيوقوفي هُل مچائيندڙ، بيسمجھہ ۽ بيشرم عورت مثل آهي.
14
هوءَ پنهنجي گھر جي ٻاهران ۽ شهر جي مٿاهين جاين تي ويهي ٿي رهي
15
تہ جيئن رستي تان هر ايندڙ ويندڙ کي سڏي چوي تہ
16
”اچو، اي بيسمجھہ انسانؤ! مون ڏانهن اچو.“ هائو، جن کي سمجھہ ڪانهي تن کي هوءَ سڏي چوي ٿي تہ
17
”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“
18
پر انهيءَ جا شڪار ٿيل نہ ٿا ڄاڻين تہ جيڪي هن جي گھر ۾ وڃن ٿا، سي مريو وڃن، ۽ جيڪي اڳ ۾ سندس مهمان ٿيا هئا، سي قبر جي تري ۾ وڃي ڪريا آهن.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31