bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 26
Proverbs 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 27 →
1
جيئن اونهاري ۾ برفباري، ۽ لاباري جي موسم ۾ برسات نہ ٿي سونهين، تيئن ئي بيوقوف ماڻهوءَ کي عزت نہ ٿي سونهين.
2
جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.
3
جهڙيءَ طرح گھوڙي لاءِ لغام ۽ گڏهہ لاءِ چهبڪ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح بيوقوف جي پٺيءَ لاءِ لڪڻ.
4
جڏهن بيوقوف بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ڪري تہ کيس ڪو جواب نہ ڏيو، متان اوهين بہ انهيءَ وانگر ٿي پئو.
5
ڪنهن بہ بيوقوف کي اهڙو جواب ڏيو جو هو محسوس ڪري تہ هو ڪيترو نہ بيعقل آهي، تڏهن هو پاڻ کي ڏاهو ڪين سمجھندو.
6
جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام ٿو موڪلي، سو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي، يا وري پاڻ زهر جو پيالو ٿو پيئي.
7
جيئن ڪنهن منڊي جون ٽنگون پنڌ ڪرڻ جي لائق نہ آهن، تيئن ئي بيوقوف جي زبان تان ڪنهن ڏاهي جي چوڻي نہ ٿي سونهي.
8
ڪنهن بيعقل جي تعريف ڪرڻ کنڀاڻيءَ ۾ پٿر ٻڌڻ برابر آهي.
9
بيوقوف ڏاهپ جي چوڻي ائين استعمال ٿا ڪن، جيئن ڪو شرابي ڪنڊن وارو ڏنڊو ڦيرائيندو هجي.
10
جيڪو ڪنهن بيوقوف يا ڪنهن شرابيءَ کي مزدوريءَ تي ٿو لڳائي، سو ڄڻ اهڙي لاپرواهيءَ سان تير ٿو هلائي، جيڪو ڪنهن کي بہ زخمي ڪري سگھي ٿو.
11
جيڪو بيوقوف ماڻهو بار بار بيوقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي.
12
اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بيوقوف مان وڌيڪ اميد آهي.
13
سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي.“
14
جهڙيءَ طرح دروازو پنهنجي انجيسن تي ڦري ٿو، تهڙيءَ طرح سُست ماڻهو پنهنجي هنڌ تي ليٽندي پيو پاسا ڦيرائي.
15
ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا.
16
سُست ماڻهو ستن ڏاهن ماڻهن کان بہ وڌيڪ پاڻ کي داناءُ ٿو سمجھي.
17
پرائي جھيڙي ۾ ٽنگ اڙائڻ، ائين آهي جيئن رولو ڪتي کي ڪن کان پڪڙڻ.
18
جيڪو شخص ڪنهن سان ٺڳي ٿو ڪري ۽ پوءِ چوي ٿو تہ ”مون تہ رڳو مذاق پئي ڪئي،“ سو اهڙي چرئي وانگر آهي، جيڪو بيخبريءَ ۾ اُماڙيون ۽ موتمار تير اڇلائي هڻي ٿو.
20
ڪاٺي نہ وجھڻ سان باهہ اُجھاميو وڃي، ۽ جتي ڪو چغلخور ڪونهي اتي جھيڙو فساد بند ٿيو وڃي.
21
جيئن ٽانڊن لاءِ ڪوئلا ۽ باهہ لاءِ ڪاٺيون آهن، تيئن ئي جھڳڙالو ماڻهو جھڳڙي کي وڌائين ٿا.
22
چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
23
دل ۾ نفرت رکندي زبان سان مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ڪچي ٺڪر جي ٿانوَ تي عمدو رنگ ڪيو ويو هجي.
24
نفرت رکندڙ ماڻهو پنهنجي مٺڙين ڳالهين سان ڪيني کي لڪائي ٿو، مگر دل ۾ هو بڇڙائيءَ وارا منصوبا ٿو جوڙي.
25
سو انهيءَ جي مٺڙين ڳالهين تي اعتبار نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل نفرت سان ٽمٽار آهي.
26
جيتوڻيڪ هو چالاڪيءَ سان ڪيني کي ڍڪي ٿو، تڏهن بہ سندس بڇڙائي هر ڪنهن آڏو ظاهر ٿيو پوي.
27
جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي.
28
خوشامندي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو ٻين کان نفرت ڪندي کين مصيبت ۾ ٿا وجھن.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31