bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 21
Proverbs 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
1
خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.
2
انسان سمجھي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو، سو صحيح آهي. مگر ياد رکو، خداوند ارادن کي جاچي ٿو.
3
سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.
4
بدڪار ماڻهو مغرور ۽ هٺيلا ٿا ٿين. هائو، سندن زندگي گناهن سان ڀريل ٿي ٿئي.
5
رٿابنديءَ سان محنت ڪندڙ جھجھي پيداوار حاصل ڪري ٿو سگھي، مگر جلدبازي ڪندڙ آخرڪار محتاج بڻجيو وڃي.
6
ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن.
7
بدڪارن جو ظلم ئي کين برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڌي رستي تي هلڻ کان انڪار ٿا ڪن.
8
چڱا ڪن چڱايون، برايون برن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
9
جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري.
10
بدڪار ماڻهو هميشہ بڇڙائي ٿا چاهين، انهن وٽ رحم آهي ئي ڪونہ.
11
ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملڻ سان اٻوجھہ ماڻهو سمجھہ حاصل ڪري ٿو، جڏهن تہ سمجھہ وارو نصيحت ڪرڻ سان ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.
12
سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.
13
جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو جڏهن پاڻ دانهون ڪندو تہ ٻڌڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو.
14
ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي.
15
جڏهن انصاف ٿئي ٿو تہ نيڪ ماڻهو خوش ٿا ٿين، مگر بڇڙن ماڻهن کي ڏڪڻي وٺيو وڃي.
16
جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.
17
عياش ماڻهو ڪنگال ٿي ويندو، هائو، جيڪو عيش عشرت جو ڪوڏيو آهي، سو ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندو.
18
سزا جي وقت نيڪ ماڻهو بچايا ويندا، مگر انهن جي بدلي بدڪارن کي سزا ڏني ويندي.
19
جھڳڙيلو ۽ چيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ کان رڻپٽ ۾ وڃي رهڻ بهتر آهي.
20
عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بيوقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.
21
سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن.
22
هڪڙو عقلمند ماڻهو فوج سان ڀريل شهر کي شڪست ڏيئي ٿو سگھي. هائو، هو سندن مضبوط قلعي کي ڪيرائي مٿن قبضو ڪري ٿو سگھي.
23
جيڪو پنهنجيءَ زبان تي ضابطو رکي ٿو، سو گھڻين ئي تڪليفن کان بچيو وڃي.
24
هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.
25
سُست ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي، تہ هو محنت نہ ڪري ۽ اهڙي خواهش کيس ماريو ڇڏي.
26
هو سڄو ڏينهن وڌيڪ شين لاءِ سڪندو رهي ٿو، مگر سچار ماڻهو سخاوت سان ڏيندو رهي ٿو، ۽ ڪنجوسي نہ ٿو ڪري.
27
خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.
28
ڪوڙي شاهد کي جلدي ماٺ ڪرايو ويندو، مگر سچو شاهد جيڪو سوچ ويچار سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو هر هڪ لفظ قبول ڪيو ويندو.
29
بدڪار ماڻهو پنهنجي رستي تي بضد ٿو رهي، مگر سچار ماڻهو سوچي سمجھي قدم کڻي ٿو.
30
جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.
31
لشڪرن کي گھوڙن جي گھڻائيءَ سان ڪاميابي نہ ٿي ملي، مگر فتح انهيءَ کي ملندي جنهن کي خداوند چاهي.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31