bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 13
Proverbs 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
1
سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.
2
نيڪ ماڻهو پنهنجي سچائيءَ جي ڳالهين جو ڦل کائين ٿا، مگر دغاباز ماڻهو ٻين تي ظلم ڪرڻ سان بہ نہ ٿا ڀرجن.
3
جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.
4
سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.
5
سچار ماڻهو ڪوڙ کان نفرت ٿو ڪري، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ڳالهين جي ڪري نفرت جوڳو ۽ خوار خراب ٿو ٿئي.
6
نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.
7
ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تہ بہ هو پاڻ کي دولتمند ٿو سڏائي. مگر ڪنهن وٽ تہ بيانداز دولت آهي، تہ بہ پاڻ کي غريب ٿو چوي.
8
دولتمند پنهنجي دولت جي عيوض دشمنن کان پنهنجي جان ٿو ڇڏائي، مگر غريب ماڻهوءَ کي اهڙو ڪوبہ ڊپ ناهي.
9
سچار ماڻهو روشن ۽ چمڪندڙ ڏيئي مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهو وسامندڙ ڏيئي جيان آهن.
10
تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.
11
غلط طريقن سان حاصل ڪيل دولت جلد ئي ويندي رهي ٿي، مگر جيڪو پورهئي وسيلي ٿورو ٿورو ڪري گڏ ٿو ڪري، تنهن جي دولت وڌندي رهي ٿي.
12
اميد پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري دل ٽٽي پوي ٿي، مگر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي، تڏهن دل خوشين سان ڀرجيو وڃي.
13
جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.
14
جيئن چشمي مان پاڻي ٿو حاصل ٿئي، تيئن ڏاهي ماڻهوءَ جي نصيحت مان زندگي حاصل ٿئي ٿي. هائو، انهيءَ جي وسيلي ماڻهو موت جي ڦندن کان بچي ٿو وڃي.
15
گھڻي سمجھہ انسان کي ٻين ۾ عزت وارو ٿي بڻائي، مگر دغابازن واري راهہ ۾ تباهي وَ بربادي آهي.
16
عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بيوقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.
17
بيايمان قاصد مصيبت جو باعث ٿو بڻجي، مگر ايماندار ايلچي امن وَ سلامتي ٿو آڻي.
18
جيڪو نصيحت نہ ٿو مڃي، تنهن کي غربت ۽ خواري حاصل ٿيندي. مگر جيڪو تنبيهہ تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عزت حاصل ڪندو.
19
جڏهن دل جي مراد پوري ٿي ٿئي، تڏهن ڪيڏي نہ خوشي ٿي ٿئي! بدڪاريءَ کان دور رهڻ کان بيعقل ماڻهو نفرت ٿا ڪن.
20
ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بيوقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.
21
گنهگار ماڻهو جيڏانهن بہ ويندو، مصيبت سندس پٺيان هوندي. مگر سچارن کي چڱو اجر ملندو.
22
نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.
23
محنت سان ٻنين ۾ جھجھا فصل پيدا ٿين ٿا، مگر ناانصافيءَ سان مال ملڪيت بہ کسجي ٿي وڃي.
24
جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.
25
سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31