bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 25
Proverbs 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 26 →
1
هي چوڻيون بہ سليمان جون آهن، جيڪي يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڪاتبن نقل ڪيون.
2
خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري.
3
جيئن آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائيءَ جو ماپڻ وس کان ٻاهر آهي، تيئن بادشاهن جي دل جو حال معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي.
4
چانديءَ مان ڪَسُ ڪڍي صاف ڪرڻ سان ئي سونارو انهيءَ مان ڪا خوبصورت شيءِ ٺاهي ٿو سگھي.
5
ساڳيءَ طرح بڇڙن صلاحڪارن کي ڪڍي ڇڏڻ سان ئي بادشاهہ انصاف سان حڪومت ڪري سگھندو.
6
بادشاهہ جي درٻار ۾ پاڻ کي اهم شخص طور پيش نہ ڪريو، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي جاءِ تي وڃي ويهو.
7
اوهان لاءِ اهو بهتر آهي تہ حاڪم جي روبرو اوهان کي چيو وڃي تہ ”اڳيان وڌي اچي ويهو.“ ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پوئتي هٽايو وڃي.
8
ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.
9
جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ٻئي سان ڪو معاملو آهي، تہ اهو پاڻ ۾ ويهي نبيريو، پر انهيءَ معاملي جو راز ڪنهن ٽئين سان نہ سليو.
10
ائين نہ ٿئي جو هر ڪو ڄاڻي وٺي تہ اوهين راز جي ڳالهہ رکي نہ ٿا سگھو، ۽ پوءِ اوهين هميشہ خوار خراب ٿيندا رهندا.
11
صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي.
12
نصيحت تي ڌيان ڏيڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، ڏاهي ماڻهوءَ جي تنبيهہ نج سون جي زيورن کان وڌيڪ ملهہ واري آهي.
13
ايماندار قاصد پنهنجي موڪلڻ واري لاءِ ائين آهي، جيئن لاباري واري گرم موسم ۾ ٿڌو پاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي مالڪ جي جان کي تازگي ٿو بخشي.
14
واعدو ڪري ڦري ويندڙ ماڻهو، اهڙن ڪڪرن ۽ واءُ مثل آهن، جن مان برسات جي بوند ئي نہ ٿي وسي.
15
جيڪي تحمل ۽ نرم زبانيءَ سان ٿا ڳالهائين، سي هر مخالفت کي ڦيرائي سگھن ٿا، بلڪ حاڪم کي بہ مطمئن ڪري سگھن ٿا.
16
جيڪڏهن اوهان کي ماکي ملي وڃي تہ ايتري کائو جيتري اوهان کي ضرورت آهي، متان حد کان وڌيڪ کائو ۽ پوءِ الٽي ڪري ڪڍو.
17
ساڳيءَ طرح پنهنجي دوست جي گھر ۾ گھڻي اچ وڃ نہ ڪريو، جو اهو اوهان مان تنگ ٿي وڃي، ۽ اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي.
18
ڪوڙي شاهدي هٿوڙي، تلوار ۽ تکي تير برابر آهي.
19
مصيبت جي وقت ڪنهن بيوفا ماڻهوءَ تي اعتبار ڪرڻ ائين آهي، جيئن لڏندڙ ڏند سان چٻاڙڻ، يا موڙهجي پيل پير سان گھمڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
20
ڏکويل ماڻهوءَ جي اڳيان خوشيءَ جا گيت ڳائڻ ائين آهي، جيئن سياري ۾ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي ڇڏڻ، يا جيئن ڪنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ.
21
جيڪڏهن اوهان جو دشمن بکايل آهي، تہ کيس کارايو، جيڪڏهن هو اڃايل آهي تہ کيس پيئاريو.
22
ائين ڪرڻ سان اوهين کيس شرمسار ڪندا، ۽ خداوند پڻ اوهان کي اجر عطا ڪندو.
23
جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين.
24
جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري.
25
جيئن ڪنهن اڃايل ماڻهوءَ لاءِ ٿڌو پاڻي تازگي آڻي ٿو، تيئن ئي اُها خوشخبري انتظار ڪندڙ کي تازگي ڏئي ٿي جيڪا ڏورانهين ملڪ کان ٿي اچي.
26
سچار ماڻهوءَ جو ڪنهن بدڪار جي اڳيان جھُڪڻ ائين آهي، جيئن ڪو صاف پاڻيءَ جو چشمو لتاڙيو ويو هجي، يا جيئن ڪنهن کوهہ جو پاڻي زهريلو بڻايو ويو هجي.
27
جهڙيءَ طرح ماکيءَ جو گھڻو کائڻ چڱو نہ آهي، تهڙيءَ طرح سدائين پنهنجي تعريف پسند ڪرڻ بہ نہ ٿو جڳائي.
28
جيڪو پنهنجي طبيعت تي ضابطو نہ ٿو رکي سگھي، تنهن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، جيئن اهو شهر جنهن جو ڪوٽ ڀڳل ڊٺل هجي.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31