bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 23
Proverbs 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 24 →
1
جڏهن اوهان کي ڪنهن حاڪم سان گڏجي ويهي ماني کائڻ جو موقعو ملي، تڏهن اوهين سندس آڏو بهترين نمونو اختيار ڪريو.
2
جيڪڏهن اوهين گھڻو کاڌو کائيندڙ هجو، تڏهن بہ پنهنجو پاڻ کي قابوءَ ۾ رکو.
3
اوهين سندس دسترخوان تي پيش ڪيل لذيذ طعامن جا لالچي نہ بڻجو، متان هو اوهان کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
4
دولتمند بڻجڻ لاءِ پاڻ کي پريشان نہ ڪريو، اهڙيءَ سوچ کان پنهنجو پاڻ کي باز رکو.
5
دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي.
6
اوهين ڪنهن ڪنجوس ماڻهوءَ جي ماني نہ کائو، هائو، سندس لذيذ طعامن جي خواهش نہ ڪريو.
7
انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.
8
پوءِ جڏهن هن جي سوچ جي اوهان کي خبر پوندي، تڏهن اوهان جيڪو کاڌو کاڌو هوندو سو الٽي ڪري ڪڍندا، ۽ اوهان جون مهربانيءَ واريون ڪيل ڳالهيون ضايع ٿي وينديون.
9
بيوقوفن آڏو ڏاهپ واريون ڳالهيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جو ڪو قدر نہ ڪندا.
10
موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، نڪي يتيمن جي ٻنيءَ سان هٿ چراند ڪريو.
11
قادرِمطلق خداوند سندن محافظ آهي، هو پاڻ اوهان جي خلاف انهن جي طرفداري ڪندو.
12
نصيحت ڪرڻ واري جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو، ۽ سکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريو.
13
ٻارن جي تربيت ۾ ڪا ڪوتاهي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين کين مار ڏيندا تہ اهي ڪو مري ڪين ويندا.
14
بلڪ اوهان جي مار ڏيڻ سان اوهان جي ٻارن جون حياتيون بچي وينديون.
15
اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين عقلمند ٿيندا، تہ مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.
16
هائو، تڏهن آءٌ بيحد خوش ٿيندس، جڏهن اوهان جي زبان تي حق سچ جون ڳالهيون هونديون.
17
گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.
18
يقين ڄاڻو تہ اوهان کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو، ۽ اوهين نااميد نہ ٿيندا.
19
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اوهين ڏاها ٿيو ۽ سوچي سمجھي سڌي راهہ اختيار ڪريو.
20
اوهين شراب خورن مان نہ ٿيو، نڪي پيٽ جي پوڄارين مان.
21
شراب خور ۽ پيٽوڙي آخرڪار ڪنگال ٿي ويندا آهن، ۽ سندن مدهوشيءَ جي ڪري کين ڦاٽل ڪپڙا پهريل هوندا آهن.
22
جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو.
23
سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.
24
سچار ماڻهوءَ جي والدين کي حقيقي خوشي حاصل ٿئي ٿي، بلڪ اهي پنهنجي سمجھہ وارن ٻارن تي فخر ٿا ڪن.
25
سو پنهنجي والدين کي هميشہ خوش رکو، خاص طور پنهنجي ماءُ کي جنهن اوهان کي ڄڻيو آهي.
26
اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِقدم تي هلو.
27
ياد رکو، بدڪار عورت هڪڙي اونهي کڏ مثل آهي. هائو، ڪسبياڻي هڪ سوڙهي کوهيءَ مثل آهي.
28
اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بيوفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.
29
ڪير هميشہ مشڪلاتن ۾ آهي؟ ڪير ڏک ۾ ٿو گذاري؟ ڪير جھيڙا جھڳڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي اجايا زخم رسيا آهن؟ ڪنهن جون اکيون رت جهڙيون لال آهن؟
30
اُهي ئي جيڪي گھڻو وقت شراب پيئندي ٿا گذارين. هائو، اُهي ئي جيڪي مختلف شرابن جي ڳولا ۾ ٿا رهن.
31
جڏهن مئي ڳاڙهي لال هجي، ۽ جڏهن پيالي ۾ انهيءَ جو رنگ چمڪڻ لڳي، تڏهن انهيءَ کي ڏسي هرگز نہ هرکو، ڇاڪاڻ تہ اهو مزي سان نڙيءَ مان تہ لهي ٿو وڃي،
32
پر پوءِ اهو نانگ وانگر ڏنگي ٿو رکي. هائو، ڪاريهر نانگ جي زهر وانگر سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃي ٿو.
33
تڏهن ماڻهو عجيب وَ غريب شيون ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ سندس وات مان ابتيون سبتيون ڳالهيون ٿيون نڪرن.
34
تڏهن اهو پاڻ کي ائين لڏندو لمندو محسوس ٿو ڪري، جيئن ڄڻ ڪو طوفان ۾ وڪوڙيل ٻيڙيءَ ۾ ليٽيل هجي.
35
هن کي جيڪڏهن ڪي رهڙا بہ اچن ٿا، پر کيس اهو معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ ساڻس ڇا وهيو واپريو آهي. تڏهن هو ليٽيندي ئي پاڻ کان پڇي ٿو تہ ”ڇا مون کي ڪنهن مار ڏني آهي؟ پر مون کي خبر نہ آهي. ڪاش! آءٌ جاڳي پوان تہ جيئن ڪجھہ وڌيڪ شراب پيئان.“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31