bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 2
Proverbs 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 3 →
1
اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو.
2
اوهين دانائيءَ واريون ڳالهيون ٻڌو ۽ انهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو.
3
هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪاريندا رهو.
4
اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.
5
جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، تہ پوءِ اوهين ڄاڻي سگھندا تہ خدا جو خوف رکڻ جو ڇا مطلب آهي، تڏهن اوهين خدا کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.
6
بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.
7
جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.
8
هائو، اهي جيڪي سندس نيڪ بندا آهن ۽ ٻين سان انصاف سان ٿا هلن، تن جي هو حفاظت ۽ نگهباني ٿو ڪري.
9
سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا.
10
اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي.
11
دانائي ۽ سمجھہ اوهان جي نگهباني ۽ حفاظت ڪندي
12
۽ اوهان کي برن ڪمن کان روڪيندي. هائو، اها اوهان کي انهن ماڻهن کان دور رکندي، جيڪي اوهان کي برغلائي اوهان لاءِ مشڪلاتون کڙيون ڪن ٿا.
13
انهن ماڻهن سچائيءَ وارا رستا ڇڏي ڏنا آهن ۽ اونداهيءَ وارن رستن تي ٿا هلن.
14
اهي بدڪاري ۽ بڇڙائي ڪندي خوشيون ملهائين ٿا.
15
هائو، اهي بلڪل ٺڳ آهن، جن تي ڪوبہ ڀروسو ڪري نہ ٿو سگھجي.
16
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ اوهان کي بدڪار عورت کان بچائيندي. هائو، انهيءَ گنهگار عورت کان، جيڪا اوهان کي بدڪاريءَ لاءِ پيار وچان سڏي ٿي.
17
هوءَ شاديءَ واري وقت خدا آڏو ڪيل عهد اقرار کي وساري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي مڙس سان بيوفائي ٿي ڪري.
18
جيڪڏهن اوهين سندس گھر ڏانهن ويندا، تڏهن اوهين ڄڻ موت واري رستي تي سفر ٿا ڪريو. هائو، انهيءَ رستي سان هلڻ مئلن جي دنيا کي ويجھو وڃڻ برابر آهي.
19
جيڪو بہ هن وٽ وڃي ٿو، سو واپس ڪونہ ٿو موٽي. هائو، اوڏانهن وڃڻ وارو زندگيءَ جي راهن ڏانهن وري نہ ٿو موٽي.
20
تنهنڪري اوهين نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلو، ۽ ايمانداريءَ واري زندگي گذاريو.
21
جيڪڏهن اوهين سچار ۽ شريف هوندا تہ پنهنجي ملڪ ۾ قائم وَ دائم رهندا.
22
پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31