bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 4
Proverbs 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
1
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جي نصيحتن کي پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو تہ جيئن اوهين سمجھہ حاصل ڪري سگھو.
2
آءٌ اوهان کي سٺيون صلاحون ٿو ڏيان. سو اوهين منهنجي نصيحتن کان منهن نہ موڙيو.
3
جيئن تہ آءٌ والدين جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ هئس، سو ماءُ مون کي بيحد پيار ڪندي هئي. جڏهن آءٌ اڃا ننڍڙو ٻار هئس
4
تڏهن منهنجو پيءُ مون کي نصيحت ڪندي چوندو هو تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهين کي پوريءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ رکندين ۽ انهن تي عمل ڪندو رهندين تہ پوءِ تون خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندين.
5
ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.
6
ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اها تنهنجي حفاظت ڪندي. انهيءَ سان محبت رک، اها تنهنجي نگهباني ڪندي.
7
ڏاهپ سڀني کان افضل شيءِ آهي، تنهنڪري اها حاصل ڪر. ڀلي کڻي تو وٽ ٻيو گھڻو ڪجھہ ڇو نہ هجي، پر ڏاهپ انهن سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي.
8
پنهنجي پياري ڪنوار وانگر ڏاهپ کي سيني سان لائي ڇڏ. هائو، جيڪڏهن تون هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ رکندين تہ اها تو کي نهايت عزت ۽ عظمت وارو ڪندي.
9
اها تنهنجي لاءِ ڳلي جي خوبصورت هار مثل ٿيندي ۽ تنهنجي مٿي لاءِ هڪ شاندار تاج مثل هوندي.“
10
اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي نصيحتن کي ڌيان سان ٻڌندا ۽ انهن تي عمل ڪندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا.
11
مون اوهان کي ڏاهپ واري راهہ ڏيکاري آهي ۽ سڌي رستي تي هلڻ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي اٿم.
12
سو جڏهن اوهين ڏاهپ سان قدم کڻندا تہ اوهان جي رستي ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ ايندي. هائو، ڀلي اوهين ڊوڙندا رهو تہ بہ ٿاٻو نہ کائيندا.
13
منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.
14
اوهين ظالم ۽ بدڪار ماڻهن جي بڇڙين واٽن تي نہ هلو.
15
انهن جي واٽن جي هر گز ويجھو نہ وڃو. اٽلندو، انهن کان هٽي پري ٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي اڳتي هلندا رهو.
16
اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بيگناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.
17
بيشڪ بدڪاري هنن جي خوراڪ مثل آهي ۽ ظلم سندن مئي مثل آهي.
18
بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.
20
اي منهنجا ٻارؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏيو. هائو، منهنجيون ڳالهيون غور سان ٻڌو.
21
انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ وسارجو، بلڪ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکجو.
22
انهيءَ سبب جو جيڪي انهن جي جستجو ڪن ٿا، تن کي انهن مان سٺي صحت ۽ ڀرپور زندگي ٿي ملي.
23
سوچ ويچار ڪرڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زندگي اوهان جي خيالن سان ئي گھڙجي تيار ٿئي ٿي.
24
ڪوڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ وات مان نہ ڪڍجو، نڪي ٺڳيءَ واريون ڳالهيون پنهنجي چپن تي آڻجو.
25
جيڏانهن اوهين وڃو ٿا اوڏانهن ئي سڌو اڳتي نهاريندا هلو ۽ پنهنجا اکين جا ڇپر کڻي هيڏانهن هوڏانهن نہ نهاريو.
26
جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.
27
کاٻي يا ساڄي پاسي نہ ڦرو متان ڀٽڪي نہ وڃو. هائو، پنهنجي پيرن کي بڇڙائيءَ واري رستي کان هميشہ جي لاءِ روڪي ڇڏجو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31