bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 1
Exodus 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 2 →
1
اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪٽنب کي وٺي ساڻس گڏجي مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن:
2
روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ،
3
اِسڪار، زبولون ۽ بنيامين،
4
دان، نفتالي، جد ۽ آشر.
5
اهي سڀ ماڻهو جيڪي يعقوب جي نسل مان پيدا ٿيا سي ستر هئا. سندس پٽ يوسف اڳ ۾ ئي مصر ۾ هو.
6
وقت گذرڻ سان يوسف ، سندس ڀائر ۽ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀيئي ماڻهو فوت ٿي ويا.
7
پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.
8
تڏهن مصر ۾ ٻئي فرعون بادشاهہ زور ورتو، جيڪو يوسف جي باري ۾ ڪجھہ نہ ڄاڻيندو هو.
9
هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گھڻي وڌي ويئي آهي.
10
تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“
11
سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.
12
پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا.
13
تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا.
14
انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.
15
تڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون عبراني عورتن جي داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو پوعاہ هو.
16
کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“
17
پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون.
18
تڏهن فرعون داين کي گھرائي چيو تہ ”توهان ائين ڇو ڪيو جو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنوَ؟“
19
تنهن تي داين فرعون کي وراڻيو تہ ”عبراني عورتون مصر جي عورتن وانگر نہ آهن. اُهي اهڙيون تہ صحتمند آهن جو داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪريو ڇڏين.“
20
انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي.
22
تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40