bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 18
Exodus 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 19 →
1
موسيٰ جي سهري يٿرو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو، تنهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن خداوند بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.
2
تڏهن موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال صفورہ کي ساڻ ڪري وٽس آيو، جنهن کي اڳي ئي پيڪن ڏانهن موڪليو ويو هو.
3
هن سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ کنيو. انهن مان هڪڙي جو نالو، موسيٰ هي چوندي ”جيرشوم“ رکيو هو تہ ”آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان.“
4
هن ٻئي پٽ جو نالو ”اليعزر“ هي چئي رکيو هو تہ ”منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار ٿيو آهي ۽ هن مون کي فرعون جي تلوار کان بچايو آهي.“
5
موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو.
6
هن موسيٰ ڏانهن چوائي موڪليو هو تہ ”آءٌ تنهنجو سهرو يٿرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجي پٽن سميت تو وٽ اچي رهيو آهيان.“
7
تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.
8
موسيٰ سمورو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند بني اسرائيل خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. هن کيس اهو بہ ٻڌايو تہ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون ۽ ڪيئن خداوند کين بچايو.
9
يٿرو خداوند جي انهن ڀلاين جي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪي هن بني اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو.
10
سو هن چيو تہ ”سڳورو آهي خداوند ، جنهن اوهان کي فرعون ۽ مصرين جي هٿان ڇڏايو. سڳورو آهي خداوند ، جنهن پنهنجي قوم کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو،
11
جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“
12
پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.
13
ٻئي ڏينهن موسيٰ ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ ويٺو ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين سندس چوڌاري بيٺا رهيا.
14
جڏهن موسيٰ جي سهري اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو موسيٰ ماڻهن لاءِ ڪيو، تڏهن چيائينس تہ ”تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون ڇو پاڻ اڪيلو ئي ويهين ٿو ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين تنهنجي چوڌاري بيٺا آهن؟“
15
موسيٰ پنهنجي سهري کي وراڻيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ماڻهو خدا جي مرضيءَ بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.
16
تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جھيڙو ٿو ٿئي تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن. آءٌ انهن ٻنهي جو فيصلو ٿو ڪريان ۽ کين خدا جي قاعدن قانونن مان واقف ٿو ڪريان.“
17
تڏهن موسيٰ جي سهري کيس چيو تہ ”اهو ڪم تون صحيح طريقي سان نہ ٿو ڪرين.
18
ائين تہ تون پاڻ ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا. هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳؤرو آهي، تون اڪيلي سر اهو ڪري ڪين سگھندين.
19
هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر.
20
انهيءَ سان گڏ تون ڀلي هنن کي خدا جي حڪمن ۽ فيصلن جي باري ۾ سيکار. جنهن رستي تي کين هلڻ گھرجي ۽ جيڪو ڪم کين ڪرڻ گھرجي، سو سيکارين.
21
انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.
22
پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن. انهن کي گھرجي تہ منجھيل فيصلا هو تو وٽ آڻين ۽ سولا فيصلا پاڻ هلائين. ائين ڪرڻ سان تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.
23
جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪم ڪندين جيئن خدا تو کي حڪم ڏئي ٿو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح پنهنجيون ذميواريون برداشت ڪري سگھندين ۽ هي سڀ ماڻهو بہ اطمينان سان پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا.“
24
سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيو هئس تيئن ئي ڪيائين.
25
موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.
26
اهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهندا هئا. منجھيل فيصلو موسيٰ وٽ آڻيندا هئا ۽ سولو فيصلو هو پاڻ ڪندا هئا.
27
پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→