bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 37
Exodus 37
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 38 →
1
بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي.
2
هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين.
3
سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهي انهيءَ جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي.
4
هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين.
5
اهي ٻانهيون صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين.
6
هن صندوق کي ڍڪڻ لاءِ رحمت جو پوش نج سون جو ٺاهيو، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي.
7
هن سون کي گھڙي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺاهيا.
8
هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي هو. هن اهي ٻئي مجسما رحمت جي پوش واري ساڳئي ٽڪري مان بڻايا.
9
انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا.
10
پوءِ بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي.
11
هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين.
12
ميز جي چوڌاري چار آڱر اُڀي ڪناري بہ بڻايائين. انهيءَ ڪناريءَ مٿان بہ چئني پاسن تي سون جو ڇٽ بڻايائين.
13
هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهيا. اهي ڪڙا ميز جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين.
14
اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجھو هئا، انهيءَ لاءِ تہ انهن ۾ ٻانهيون وجھي ميز کي کڻي سگھجي.
15
هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.
16
هن ميز تي رکڻ لاءِ نج سون جا ٿانوَ ٺاهيا، يعني ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ.
17
بصلايل نج سون کي گھڙي هڪڙو شمعدان بہ ٺاهيو، جيڪو تري، شاخن، ڏياٽين، بونبن ۽ گلن سميت نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان ٺاهيل هو.
18
شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان.
19
انهن ڇهن ئي شاخن مان هر هڪ ۾ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا ٽي ٽي گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا.
20
شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ ۾ بہ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا چار گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا.
21
انهن چئن گلن مان هڪ پهرين ٻن شاخن جي هيٺان هو، ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو.
22
اهڙيءَ طرح سڀني شاخن ۽ گلن سميت اهو پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هو.
23
هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين.
24
هن اهو شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون مان ٺاهيو.
25
بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ بہ ٺاهي، اها چورس هئي ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هئي. انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي. انهيءَ جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا.
26
هن انهيءَ قربانگاهہ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جيڪو انهيءَ جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هو. انهيءَ قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين.
27
انهيءَ جي ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي هن سون جا ٻہ ڪڙا ٻانهين وجھڻ لاءِ ٺاهيا، انهيءَ لاءِ تہ قربانگاهہ کي کڻي سگھجي.
28
هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.
29
هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو.
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40