bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 27
Exodus 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 28 →
1
تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ ٺهرائج. اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي.
2
انهيءَ قربانگاهہ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺهرائج. قربانگاهہ ۽ سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. تون انهن تي پتل جا پٽ چاڙهائج.
3
قربانگاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.
4
انهيءَ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺهرائج. ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڪڙا ٺهرائج.
5
تون انهيءَ کي قربانگاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکائج، جو ڄاري قربانگاهہ جي اڌ تائين پهچي.
6
قربانگاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهائج.
7
اهي ٻانهيون ڪڙن ۾ وجھاءِ، جيڪي قربانگاهہ جي ٻنهي پاسن تي هجن، تہ جيئن قربانگاهہ کڻي سگھجي.
8
تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺهرائج. تون اها اهڙيءَ طرح ٺهرائج جهڙيءَ طرح تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.
9
تون مقدس خيمي جو اڱڻ ٺهرائج. انهيءَ اڱڻ جي اتر توڙي ڏکڻ پاسي کان سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي قنات هجي، جنهن جي ڊيگھہ ٻنهي پاسن تي چوئيتاليهہ چوئيتاليهہ ميٽر هجي.
10
انهيءَ جي لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا هجن ۽ ٿنڀن لاءِ پتل جا ويهہ ويهہ پاوا هجن. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.
12
اولهہ واري پاسي ڏانهن اڱڻ جي ويڪر ۾ قنات جي ڊيگھہ ٻاويهہ ميٽر هجي، انهيءَ جي لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هجن.
13
اوڀر واري پاسي کان بہ اڱڻ جي ويڪر ٻاويهہ ميٽر هجي.
14
اتي اڱڻ جي دروازي جي ٻنهي پاسن واري قنات لاءِ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر ڊگھا پردا هجن. انهن جي لاءِ بہ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا ٽي ٽي پاوا هجن.
16
اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن.
17
اڱڻ جي چوڌاري وارا سڀ ٿنڀا چانديءَ جي بندن سان جڪڙيل هجن. انهن جا ڪنڍا چانديءَ جا ۽ پاوا پتل جا هجن.
18
سو اڱڻ جي سڄي قنات سنهي وٽيل سڻيءَ جي هجي، جنهن جي ڊيگھہ چوئيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ٻہ ميٽر هجي. انهيءَ جي ٿنڀن جا پاوا پتل جا هجن.
19
خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“
20
”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪج، تہ اُهي روشني ڪرڻ لاءِ ڪُٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ جيئن هر رات ڏيئو ٻرندو رهي.
21
مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→