bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 16
Exodus 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 17 →
1
پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم ايليم مان رواني ٿي. مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ تي سين جي بيابان ۾ اچي پهتا، جيڪو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي.
2
اُتي بيابان ۾ اهي سڀ موسيٰ ۽ هارون جي خلاف ڪرڪڻ لڳا.
3
کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻپٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“
4
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ اوهان سڀني لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس. ماڻهو هر روز ٻاهر نڪري، رڳو هڪڙي هڪڙي ڏينهن جو حصو گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي حڪمن تي هلن ٿا يا نہ.
5
ڇهين ڏينهن تي هو روزاني کان ٻيڻو آڻي تيار ڪندا.“
6
تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ شام جو اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اهو خداوند ئي هو جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.
7
صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“
8
موسيٰ وڌيڪ چين تہ ”شام جي وقت خداوند اوهان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو ۽ صبح جو ڍءُ تي ماني ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند جي خلاف جيڪي شڪايتون ڪريو ٿا سي هو ٻڌي ٿو. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي خلاف نہ پر خداوند جي خلاف آهي.“
9
پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”بني اسرائيل جي سڄي قوم کي چئُہ تہ ’اوهين خداوند وٽ اچي حاضر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.‘“
10
جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.
11
انهيءَ وقت خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي فرمايو تہ
12
”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
13
جڏهن شام جو وقت ٿيو تہ ايترا تہ ٻٽيرا اڏامندا آيا جو خيميگاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون. صبح جي وقت خيميگاهہ جي آسپاس ماڪ پيئي هئي.
14
جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي سنهي گول گول شيءِ، پاري جي داڻن جهڙي زمين تي پيئي آهي.
15
جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڇا آهي؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اهو ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”هيءَ اها ماني آهي جيڪا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي.
16
سو خداوند جو حڪم هي آهي تہ اوهان مان هر ڪو ڄڻو اها پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪري، يعني جيترا ڀاتي تنبوءَ ۾ آهن، تن جي شمار موجب، هر هڪ ڄڻي واسطي ٻہ ڪلوگرام گڏ ڪري.“
17
بني اسرائيل ائين ئي ڪيو. پر انهن مان ڪن گھڻي ۽ ڪن ٿوري گڏ ڪئي.
18
جڏهن هنن اها اٽڪل ٻہ ڪلوگرام واري ماپي سان ماپي ڏٺي، تڏهن جنهن گھڻو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيترو گڏ ڪيو.
19
موسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڪوبہ ڄڻو انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکي.“
20
پر انهن مان ڪن موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي ۽ صبح تائين انهيءَ مان ڪجھہ بچائي رکيائون. صبح جو انهيءَ ۾ ڪينئان پئجي ويا ۽ اها ڪني ٿي ويئي. تڏهن موسيٰ انهن تي ڏاڍو ناراض ٿيو.
21
پوءِ هر ڪو ڄڻو روزانو صبح جو اها پنهنجي کائڻ جيتري کڻي گڏ ڪندو هو. جڏهن تکي اُس نڪرندي هئي، تڏهن جيڪا زمين تي بچيل هوندي هئي سا ڳري ويندي هئي.
22
ڇهين ڏينهن انهن ٻيڻي ماني گڏ ڪئي، يعني هر هڪ لاءِ چار چار ڪلوگرام. پوءِ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن اچي موسيٰ کي اها خبر ڏني.
23
تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ” خداوند جو حڪم اهو ئي آهي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن يعني خداوند جو پاڪ سبت آهي. اوهان کي اڄ جيڪي پچائڻو آهي سو پچايو ۽ جيڪي رڌڻو آهي سو رڌيو. جيڪي بہ باقي بچي پوي سو سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيو.“
24
سو جيئن موسيٰ کين چيو هو تيئن هنن ٻئي ڏينهن تائين اها بچائي رکي. اها نڪي خراب ٿي، نڪي منجھس ڪينئان پيا.
25
موسيٰ چيو تہ ”اڄ اها ئي بچيل ماني کائو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند جو سبت آهي، تنهنڪري اڄ اها ماني اوهان کي ميدان ۾ ڪونہ ملندي.
26
ڇهہ ڏينهن اوهين اها ماني گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي.“
27
ستين ڏينهن ڪي ماڻهو اها گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر ڪجھہ بہ نہ لڌائون.
28
تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”ڪيستائين اوهين منهنجي حڪمن ۽ منهنجي فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا؟
29
ياد رکو، تہ مون خداوند ، اوهان کي سبت جو ڏينهن ڏنو آهي. تنهنڪري آءٌ ڇهين ڏينهن هميشہ اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ڏيندس. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رهي. ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ نڪري.“
30
تنهنڪري ستين ڏينهن ماڻهن آرام ڪيو.
31
بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو ”مَنَ“ رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي ۽ اڇي هئي ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان ٺاهيل بسڪوٽن جهڙو هو.
32
موسيٰ چيو تہ ” خداوند هي حڪم ڏنو آهي تہ ’انهيءَ مان ٻہ ڪلوگرام ڀري پنهنجين پيڙهين جي لاءِ رکي ڇڏيو، تہ ڀلي هو ڏسن تہ جڏهن مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، تڏهن بيابان ۾ مون اوهان کي اها ماني کارائي.‘“
33
پوءِ موسيٰ هارون کي بہ چيو تہ ”هڪڙو ٿانءُ کڻي، انهيءَ ۾ مَنَ جا ٻہ ڪلوگرام ڀري وجھہ ۽ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي رک تہ اهو اوهان جي پيڙهين لاءِ محفوظ رکيو هجي.“
34
سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هارون اهو عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رکيو، تہ جيئن اهو حفاظت سان رکيو هجي.
35
بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.
36
انهن ڏينهن ۾ ٻہ ڪلوگرام وزن کي عومر چوندا هئا، جيڪو ماپ جي لحاظ کان هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو هو.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→