bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 10
Exodus 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 11 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان.
2
هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
3
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ” خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.
4
جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ياد رک، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ ماڪڙ موڪليندس.
5
اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.
6
تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.
7
تڏهن فرعون جي عملدارن کيس چيو تہ ”هي شخص ڪيستائين اسان کي مصيبت ۾ پيو وجھندو رهندو؟ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن. ڇا توهان کي اڃا تائين اها خبر نہ پئي آهي تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟“
8
تنهن تي موسيٰ ۽ هارون کي وري فرعون وٽ گھرايو ويو. فرعون کين چيو تہ ”وڃو، وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو، پر ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويندا؟“
9
موسيٰ وراڻيس تہ ”اسين سڀ پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن سوڌا وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خداوند جي شان ۾ عيد ملهائڻي آهي.“
10
تڏهن فرعون کين چيو تہ ”هرگز نہ، خداوند اوهان سان هجي بہ تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سوڌو وڃڻ نہ ڏيندس، جڏهن تہ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهان جي نيت خراب آهي.
11
سو ائين نہ ٿيندو، اوهين رڳو مرد ماڻهو ئي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها ئي مرضي هئي.“ ان کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون وٽان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويو.
12
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگھير تہ جيئن ملڪ تي ماڪڙ اچي. اها ماڪڙ هر قسم جي ساوڪ ۽ هر ڪا شيءِ جيڪا ڳڙن کان بچي ويئي آهي سان کائي ويندي.“
13
تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي.
14
ماڪڙ وڏي ولر جي صورت ۾ آئي ۽ سڄي مصر ملڪ مٿان ڇانئجي ويئي. اها ايتري تہ بيشمار هئي جو اهڙي ماڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آئي هئي ۽ نڪي ان کان پوءِ ايندي.
15
انهيءَ سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيو، ايتري قدر جو زمين ڪاري ٿي ويئي. انهيءَ سموري ساوڪ ۽ وڻن جا ميوا جيڪي ڳڙن کان بچي ويا هئا سي کائي ڇڏيا، ايتري قدر جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن تي ڪابہ ساوڪ باقي نہ رهي.
16
تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”بيشڪ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان.
17
تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هڪڙو دفعو وري بہ منهنجو گناهہ معاف ڪريو ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھرو تہ هيءَ موتمار سزا مون تان هٽائي.“
18
تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين.
19
پوءِ خداوند اولهہ کان تمام تيز واءُ گھلايو، جنهن ماڪڙ کي اڏاري کڻي وڃي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو. اهڙيءَ طرح مصر جي سڄي ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ باقي نہ رهيو.
20
پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.
21
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ڇانئجي وڃي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.“
22
موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو تہ سڄي مصر جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين تمام گھاٽي اوندهہ ڇانيل رهي.
23
ٽن ڏينهن تائين نہ تہ ماڻهو هڪٻئي کي ڏسي ٿي سگھيا ۽ نہ ئي وري منجھائن ڪو انهن ڏينهن ۾ پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو. پر بني اسرائيل جي سڄي علائقي ۾ روشني هئي.
24
تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان گڏ وڃن. پر اوهين پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هتي ڇڏي وڃو.“
25
پر موسيٰ وراڻيس تہ ”اسان کي قربانين ۽ ساڙڻ وارين قربانين ڪرڻ لاءِ تو کي اسان جا جانور بہ ڏيڻا پوندا، تہ جيئن اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربان ڪريون.
26
سو اسان جو چوپايو مال بہ اسان سان گڏ هلندو. انهن جو هڪڙو کُر بہ پوئتي نہ رهندو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ئي اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين. اهو ئي سبب آهي جو جيستائين اسين اتي نہ وڃون تيستائين اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙا ڪهڙا جانور خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.“
27
پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪري ڇڏيو ۽ هن کين وڃڻ نہ ڏنو.
28
پوءِ فرعون موسيٰ کي چيو تہ ”مون وٽان نڪري وڃ. خبردار، متان وري مون کي پنهنجو منهن ڏيکارين، جنهن ڏينهن مون تنهنجو منهن ڏٺو، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.“
29
تڏهن موسيٰ وراڻيس تہ ”تو صحيح ڳالهہ ڪئي آهي، تون مون کي وري ڪين ڏسندين.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→