bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 35
Exodus 35
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 36 →
1
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري کين چيو تہ ”جن ڳالهين جي ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي سي هي آهن تہ
2
ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو.
3
سبت جي ڏينهن اوهين پنهنجن گھرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.“
4
موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”جنهن ڳالهہ تي عمل ڪرڻ لاءِ خداوند حڪم ڏنو آهي سا هيءَ آهي تہ
5
اوهين پنهنجي ملڪيت مان خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو. اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي سو پنهنجي دل جي خوشي ۽ فراخدليءَ سان هي آڻي: سون، چاندي، پتل،
6
آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ڏاس،
7
گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،
8
ڏيئن لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل ۽ لوبان لاءِ خوشبودار مصالحا،
9
مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر.
10
اوهان ۾ جيڪي ڪاريگر ماڻهو آهن، سي سڀ اچي اهي شيون ٺاهين جن جو خداوند حڪم ڏنو آهي،
11
يعني مقدس خيمو ۽ انهيءَ جو هي سامان: خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا ٻہ غلاف، انهيءَ جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ پاوا،
12
عهد واري صندوق ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، صندوق جو رحمت جو پوش ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو،
13
ميز ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ،
14
روشنيءَ لاءِ شمعدان، انهيءَ جا ٿانوَ، انهيءَ جا ڏيئا ۽ ڏيئن ٻارڻ لاءِ تيل،
15
لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي جو پردو،
16
ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ قربانگاهہ، انهيءَ لاءِ پتل جو آتشدان ۽ ان جون ٻانهيون، ان جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،
17
اڱڻ جي قنات ۽ انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو،
18
مقدس خيمي ۽ سندس اڱڻ جي قناتن لاءِ ڪليون ۽ انهن جا رسا،
19
مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن لاءِ خاص پوشاڪ ۽ سندس پٽن لاءِ خاص پوشاڪون، تہ جيئن اهي ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.“
20
پوءِ سڀيئي ماڻهو موسيٰ وٽان هليا ويا.
21
انهن مان جن جي دلين کين شوق ڏياريو سي خدا سان ملاقات واري خيمي جي ڪم لاءِ، انهيءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ ۽ ڪاهنن جي خاص پوشاڪن لاءِ خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.
22
انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا.
23
جن ماڻهن وٽ آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو يا سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو، ٻڪرين جي ڏاس، گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون يا ڊالفن دريائي جانور جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.
24
جيڪي ماڻهو نذراني ۾ چاندي ۽ پتل ڏئي ٿي سگھيا، سي خداوند لاءِ اهي ئي نذرانو کڻي آيا. جن وٽ ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو سي اهو کڻي آيا.
25
جيڪي عورتون هنرمند هيون سي پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو سٽ، سنهي سڻي
26
۽ ٻڪرين جي ڏاس ڪتي تيار ڪري کڻي آيون.
27
جيڪي اڳواڻ هئا سي مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر کڻي آيا.
28
انهن روشنيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحا بہ آندا.
29
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
30
موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”ياد رکو، خداوند يهوداہ قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصلايل کي چونڊيو آهي.
31
انهيءَ کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،
32
انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي،
33
هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.
34
خداوند هن کي ۽ دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي هنر سيکارڻ جي قابليت عطا ڪئي آهي.
35
هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40