bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 19
Exodus 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 20 →
1
بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري ٽئين مهيني جي پهرئين ڏينهن تي سينا جي بيابان ۾ آيا.
2
هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.
3
پوءِ موسيٰ خدا سان ملڻ لاءِ مٿي جبل تي چڙهي ويو. خداوند جبل تان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ ”تون يعقوب جي خاندان يعني بني اسرائيل کي هيئن چئُہ تہ
4
’اوهان ڏٺو تہ مون خداوند مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. جيئن ڪو عقاب پنهنجي ٻچي کي پرن تي کڻندو آهي، تيئن اوهان کي اتان کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.
5
هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،
6
پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“
7
تڏهن موسيٰ هيٺ لهي آيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏي، جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هئس، سي سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائين.
8
تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.
9
اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.
10
پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.
11
ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.
12
تون ماڻهن جي لاءِ جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري، انهن کي چئُہ تہ ’خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو انهيءَ حد کان لنگھي جبل تي نہ چڙهي، نڪي جبل جي ڪناري کي ڇهي. جيڪو بہ جبل کي ڇهندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘
13
سو جيڪو ائين ڪري تنهن کي سنگسار ڪيو وڃي، يا تيرن سان ماريو وڃي، پر کيس هٿ بلڪل نہ لاتو وڃي، پوءِ اهو حيوان هجي توڙي انسان، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيو وڃي. پر جڏهن نفيل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي تڏهن انهن کي جبل وٽ اچڻ جي اجازت آهي.“
14
پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ انهن کي پاڪ ڪيائين. سو هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.
15
موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“
16
جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيميگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.
17
تڏهن موسيٰ ماڻهن کي خدا سان ملائڻ لاءِ خيمن کان ٻاهر وٺي آيو ۽ اهي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺا.
18
سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو.
19
نفيل جو آواز جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي ويو. موسيٰ ڳالهايو ٿي ۽ خدا گجگوڙ سان جواب ٿي ڏنو.
20
پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو.
21
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ مون کي ڏسڻ لاءِ حد نہ اورانگھين، نہ تہ انهن مان گھڻا مري ويندا.
22
مذهبي اڳواڻ بہ، جيڪي مون وٽ اچن ٿا سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“
23
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”ماڻهو جبل تي چڙهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کي پاڪ رکو.‘“
24
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ. پر مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو حد اورانگھي مون وٽ مٿي نہ اچن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“
25
سو موسيٰ هيٺ لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ اهي ڳالهيون کين ٻڌايائين.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→