bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 22
Exodus 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 23 →
1
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي ۽ انهيءَ کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.
2
پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.
5
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏي، پر اهو وڃي ڪنهن جي ٻنيءَ کي ڀيلي ڇڏي، تہ کيس پنهنجي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ جي ڀلي ۾ ڀلي پيداوار مان عيوضو ڀري ڏيڻو پوندو.
6
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي.
7
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي.
8
پر جيڪڏهن چور هٿ نہ اچي تہ اهو ماڻهو جنهن وٽ سامان رکيل هو، سو مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.
9
خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.
10
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ ڪنهن شاهد جي ڏسڻ کان سواءِ اهو مري وڃي، يا ڌڪجي پوي، يا چورائجي وڃي،
11
تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.
12
پر جيڪڏهن جانور هن وٽان چورائجي ويو هجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو.
13
جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.
14
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪو جانور اڌارو وٺي ۽ مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڌڪجي پوي يا مري وڃي تہ اهو ماڻهو انهيءَ جو عيوضو ضرور ڀري ڏيندو.
15
پر جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اهو جانور ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهيءَ جو نقصان سندس ڀاڙي ۾ اچي ويو.“
16
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي جيڪا مڱيل نہ هجي، ڌُتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ هو ضرور انهيءَ لاءِ ڏاج ڏيئي ساڻس شادي ڪري.
17
جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين ڇوڪرين جي ڏاج جيترا پئسا کيس ڏئي.
18
اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو.
19
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
20
جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.
21
اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.
22
اوهين ڪنهن رنزال يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.
23
جيڪڏهن اوهين انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندا ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ خداوند ضرور سندن پڪار ٻڌندس.
24
سو منهنجو قهر جوش ۾ ايندو ۽ آءٌ اوهان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. تڏهن اوهان جون زالون بيواهون ۽ ٻار يتيم ٿي ويندا.
25
جيڪڏهن اوهين منهنجي قوم مان ڪنهن غريب کي جيڪو اوهان وٽ رهي ٿو، ڪي پئسا اڌارا ڏيو، تہ لهڻيدار وانگر انهيءَ کي ڇڪ نہ ڪجو، نڪي کانئس وياج وٺجو.
26
جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي چادر گروي رکو بہ تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس موٽائي ڏجو،
27
ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان.
28
اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو.
29
اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.
30
اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.
31
اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40