bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 33
Exodus 33
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 34 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”روانا ٿيو. تون ۽ اهي سڀيئي ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، سي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃو جنهن بابت مون ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ اهو آءٌ سندن اولاد کي ڏيندس.
2
آءٌ اوهان جي اڳيان هڪڙو ملائڪ رهنمائيءَ لاءِ موڪليندس. آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي لوڌي ڪڍندس،
3
انهيءَ لاءِ تہ ان آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ اوهين داخل ٿي سگھو. پر آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇاڪاڻ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي رستي ۾ ئي ناس ڪري ڇڏيان.“
4
جڏهن ماڻهن اها هيبتناڪ خبر ٻڌي تڏهن ڏاڍا رنا ۽ رڙيا ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پاڻ کي نہ سينگاريو.
5
ان جو سبب هي هو تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو بہ اوهان سان گڏ هلندس تہ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو سينگار لاهي ڇڏيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اوهان سان ڇا ڪريان.‘“
6
سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.
7
موسيٰ تنبو کڻائي خيميگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيميگاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو.
8
جڏهن موسيٰ انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو تہ سڀيئي ماڻهو اُٿي پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي بيهي موسيٰ جي پٺيان نهاريندا رهندا هئا، جيستائين هو انهيءَ تنبوءَ ۾ گھڙي نہ ويندو هو.
9
پوءِ موسيٰ جڏهن تنبوءَ ۾ گھڙي ويندو هو تہ ڪڪر جو ٿنڀو لهي اچي تنبوءَ جي در تي بيهندو هو ۽ خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندو هو.
10
جڏهن سڀيئي ماڻهو ڪڪر جو ٿنڀو تنبوءَ جي در تي بيهندو ڏسندا هئا تہ سمورا ماڻهو پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي ئي انهيءَ کي سجدو ڪندا هئا.
11
خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيميگاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.
12
موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘
13
سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“
14
تڏهن خداوند فرمايو تہ ”آءٌ تو سان گڏ هلندس ۽ تو کي آرام ڏيندس.“
15
موسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون ساڻ نہ ٿو هلين تہ پوءِ اسان کي هتان اڳتي نہ وٺي هل.
16
هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“
17
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ ائين بہ ڪندس جيئن تون چوين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي ۽ آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو.“
18
تنهن تي موسيٰ چيس تہ ”ڀلا مون کي پنهنجو جلوو ڏيکار.“
19
خداوند وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ پنهنجي سڄي ڀلائي تنهنجي اڳيان ظاهر ڪندس. آءٌ تنهنجي ئي اڳيان پنهنجي نالي خداوند جو اعلان ڪندس. جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس.
20
پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“
21
پوءِ خداوند چيس تہ ”اِجھا، هيءَ جاءِ منهنجي ويجھو ئي آهي، تون انهيءَ ٽڪريءَ تي اچي بيهہ.
22
جنهن وقت منهنجو جلوو اتان لنگھندو تنهن وقت آءٌ تو کي انهيءَ ٽڪريءَ جي ڦاٽ ۾ لڪائي رکندس. جيستائين آءٌ لنگھي نہ وڃان تيستائين پنهنجي هٿ سان تو کي ڍڪي ڇڏيندس.
23
پوءِ جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ هٽائيندس تہ تون منهنجي پٺ ڏسندين، ڇاڪاڻ تہ منهنجو منهن نہ ڏسجي.“
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40