bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 8
Exodus 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 9 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ” فرعون وٽ وڃ ۽ کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.
2
جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تنهنجي سڄي ملڪ تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.
3
درياءَ ۾ ايترا تہ ڏيڏر پيدا ٿيندا جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گھر ۾، تنهنجي آرامگاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي ۽ تنهنجي نوڪرن جي گھرن ۾ گھڙي ويندا. اُهي تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ بہ ڪاهي پوندا.
4
اهي تو تي، تنهنجي ماڻهن تي ۽ تنهنجي نوڪرن تي بہ ڪاهي پوندا.‘“
5
خداوند موسيٰ کي هي بہ فرمايو تہ ” هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجو هٿ لٺ سوڌو ندين، نهرن ۽ حوضن تي ڊگھيري تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.“
6
سو مصر ۾ جيترو بہ پاڻي هو، تنهن تي هارون پنهنجو هٿ ڊگھيريو تہ ڏيڏر ٻاهر نڪري آيا ۽ مصر جي سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيائون.
7
جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر ڪاهي آندائون.
8
تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ” خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“
9
موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“
10
فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
11
اهي ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گھرن مان، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان پري هليا ويندا. اهي رڳو درياءَ ۾ وڃي رهندا.“
12
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا. موسيٰ وڃي انهن ڏيڏرن کي هٽائڻ لاءِ خداوند کان دعا گھري، جيڪي خداوند فرعون تي موڪليا هئا.
13
تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. سو جيڪي ڏيڏر گھرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا سي سڀ مري ويا.
14
ماڻهن اُهي ميڙي کڻي ڍير ڪري ڇڏيا، تہ بہ زمين مان بدبوءِ ٿي آئي.
15
هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.
16
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ” هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ ڊگھي ڪري زمين تي هڻي، تہ مصر جي سڄي زمين جي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پوي.“
17
هنن ائين ئي ڪيو. هارون پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻي زمين تي هنئي تہ مصر جي سڄي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پيئي. انهن مڇرن سان انسان ۽ جانور ڍڪجي ويا.
18
سو انسانن ۽ جانورن تي مڇر ئي مڇر هئا. جادوگرن بہ ڪوشش ڪئي تہ هو پنهنجي جادوءَ سان مڇر پيدا ڪن، پر هو ائين ڪري نہ سگھيا.
19
تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ ”هن ۾ خدا جو هٿ آهي.“ پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.
20
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.
21
آءٌ تو کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تو تي، تنهنجي نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي ۽ تنهنجي گھرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس. پوءِ مصرين جا گھر ۽ جنهن زمين تي هو رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.
22
پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.
23
آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي وچ ۾ تفاوت رکندس. اها نشاني سڀاڻي ظاهر ٿيندي.‘“
24
سو خداوند ائين ئي ڪيو. فرعون جي محل ۾، سندس نوڪرن جي گھرن ۾ ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا. انهن مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ جو خانو خراب ٿي ويو.
25
تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو.“
26
پر موسيٰ وراڻيس تہ ”ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جانورن جي قرباني ڪنداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان جانورن جي قرباني ڪنداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ ڇا هو اسان کي سنگسار نہ ڪري ڇڏيندا؟
27
اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي جيئن خداوند اسان جي خدا حڪم ڏنو آهي، تيئن سندس لاءِ قرباني ڪنداسين.“
28
تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“
29
موسيٰ وراڻيس تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽان ٻاهر وڃان ٿو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھران ٿو تہ سڀاڻي اهي مکيون تو وٽان، تنهنجي نوڪرن وٽان ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليون وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ تون وري اسان سان دغا ڪرين ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ واسطي وڃڻ نہ ڏين.“
30
ان کان پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھريائين.
31
تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. هن فرعون وٽان، سندس نوڪرن وٽان ۽ سندس رعيت وٽان مکين جا ميڙ هٽائي ڇڏيا ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ رهي.
32
پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40