bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 34
Exodus 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 35 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.
2
صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج. اُتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي اڳيان اچي حاضر ٿج.
3
تو سان گڏ ٻيو ڪوبہ مٿي نہ چڙهي. ڪوبہ ماڻهو سڄي جبل تي ڏسڻ ۾ نہ اچي، ايتري قدر جو انهيءَ جبل جي اڳيان رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ نہ چرن.“
4
سو موسيٰ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙي تيار ڪيون. جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُهي پٿر جون تختيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.
5
جڏهن خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لهي آيو ۽ موسيٰ سان اچي گڏ بيٺو تڏهن پنهنجو نالو ” خداوند “ ٻڌايائين.
6
خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند ، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.
7
آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان، پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“
8
تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جھڪائي سجدو ڪيو.
9
هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“
10
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا.
11
جيڪي حڪم آءٌ اوهان کي اڄ ڏيان ٿو تن تي عمل ڪجو. ڏسو، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان لوڌي ٿو ڪڍان.
12
خبردار، جنهن ملڪ ۾ اوهين وڃو ٿا تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، متان اهو اوهان لاءِ ڦندو بڻجي پوي.
13
بلڪ اوهين هنن جي قربانگاهن کي ڊاهي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجو ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتيون وڍي ڇڏجو.
14
اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود کي سجدو نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند ، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهيان.
15
خبردار، اوهان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد نہ ڪجو. انهيءَ سبب جو جڏهن اهي پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني ڪن، تہ متان انهن مان ڪو اوهان کي دعوت ڏئي ۽ اوهين انهن جي قربانيءَ منجھان ڪجھہ کائو.
16
متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.
17
اوهين پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ مان پلٽيل معبود نہ ٺاهجو.
18
اوهين بيخميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.
19
سڀيئي پهريتا منهنجا آهن. اوهان جي چوپائي مال مان ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا نر ٻچا منهنجا آهن.
20
اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.
21
ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي.
22
اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.
23
سال ۾ انهن ٽنهي موقعن تي اوهان جا سڀ مرد، مون خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.
24
آءٌ قومن کي اوهان جي ملڪ مان لوڌي ڪڍندس ۽ اوهان جون حدون وڌائيندس. جڏهن اوهين سال ۾ اهي ٽي دفعا مون پنهنجي خداوند خدا جي آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ عبادتگاهہ ۾ ايندا، تڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان جي زمين جي لالچ نہ ڪندو.
25
اوهين منهنجي واسطي ڪيل جانور جي قربانيءَ واري رت سان خميري ماني گڏي نذراني طور پيش نہ ڪجو. اوهين عيد فصح واري جانور جي قربانيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.
26
هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“
27
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“
28
موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.
29
موسيٰ جڏهن اهي ٻئي عهد واريون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان هيٺ لٿو پئي، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪري سندس منهن چمڪي رهيو آهي.
30
جڏهن هارون ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن موسيٰ ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائون تہ سندس منهن چمڪي رهيو آهي، تڏهن اهي سندس ويجھو وڃڻ کان ڊڄي ويا.
31
تنهن تي موسيٰ کين سڏ ڪيو تہ هارون ۽ سڀ اڳواڻ وٽس وڌي آيا. پوءِ موسيٰ ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
32
ان کان پوءِ سمورا بني اسرائيل موسيٰ جي ويجھو آيا تہ موسيٰ کين انهن سڀني ڳالهين جو حڪم ڏنو، جيڪي خداوند سينا جبل تي ساڻس ڪيون هيون.
33
جڏهن موسيٰ انهن سان ڳالهيون ڪري بس ڪئي تڏهن پنهنجي منهن تي نقاب وجھي ڇڏيائين.
34
پوءِ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندو هو تہ نقاب لاهي ڇڏيندو هو. جيڪو حڪم کيس ملندو هو سو ٻاهر اچي بني اسرائيل کي ٻڌائيندو هو.
35
بني اسرائيل موسيٰ جي منهن ڏانهن نهاريندا هئا تہ هنن کي سندس منهن چمڪندڙ نظر ايندو هو. تنهنڪري موسيٰ جيستائين خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وري اندر نہ ويندو هو، تيستائين پنهنجي منهن تي نقاب وجھي ڇڏيندو هو.
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→