bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 5
Exodus 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 6 →
1
انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“
2
پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“
3
تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“
4
تنهن تي مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ”اي موسيٰ ۽ هارون! اوهين هنن ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهين چاهيو ٿا تہ هن ملڪ ۾ اڪثريت وارا هيترا سارا ماڻهو ڪم کان رڪجي وڃن؟ کين ڇڏي ڏيو تہ وڃي پنهنجو ڪم ڪن.“
6
اٽلندو انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي فرعون انهن ماڻهن جي رکوالن ۽ سندن بني اسرائيل جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ
7
”هاڻي اڳتي اوهين هنن ماڻهن کي سرون ٺاهڻ لاءِ بُهہ نہ ڏجو، جيئن هاڻي تائين ڏيندا رهيا آهيو. ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بُهہ گڏ ڪن.
8
هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘
9
اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏين.“
10
ان کان پوءِ انهن ماڻهن جا رکوالا ۽ عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون تہ ” فرعون جو فرمان آهي تہ اڳتي اوهان کي بُهہ ڪونہ ڏنو ويندو.
11
سو جتان بہ اوهان کي بُهہ ملي اتان پاڻ وڃي کڻي اچو. پر اوهان جو مقرر پورهيو بلڪل گھٽ نہ ڪيو ويندو.“
12
تڏهن اهي ماڻهو مصر جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بُهہ جي ٺاهڻ لاءِ سنڍا گڏ ڪرڻ لڳا.
13
سندن رکوالا مٿن زور رکندا هئا ۽ چوندا هئا تہ ”اوهين روزانو اوتريون ئي سرون ٺاهيو جيتريون بُهہ ملڻ وقت ٺاهيندا هئا.“
14
فرعون جا رکوالا انهن مٿان مقرر ڪيل بني اسرائيل جي عملدارن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ”اوهان ڪالهہ ۽ اڄ سرن ٺاهڻ جو اوترو ڪم ڇو نہ ڪرايو آهي جيترو اڳي ڪرائيندا هئا.“
15
تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اوهان پنهنجي ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿا ڪريو.
16
اوهان جي ٻانهن کي بُهہ ڪونہ ٿو ڏنو وڃي، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ’پوريون سرون ٺاهيو.‘ سو هاڻي اوهان جي ٻانهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اوهان جي قوم کان بيانصافي ٿي رهي آهي.“
17
تنهن تي فرعون چين تہ ”اوهين پاڻ نڪما آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني ڪريون.‘
18
سو هاڻي اوهين وڃي ڪم ڪريو. اوهان کي بُهہ ڪونہ ملندو پر سرون اوهان کي اوتريون ئي ٺاهي ڏيڻيون پونديون.“
19
هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ ”اوهين پنهنجي روزانو جي ڪم موجب سرن جي مقرر ڪيل انداز کان ڪجھہ بہ نہ گھٽايو،“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ هو ڪهڙيءَ مصيبت ۾ اچي ڦاٿا آهن.
20
هو فرعون وٽان جڏهن واپس اچي رهيا هئا تہ رستي تي کين موسيٰ ۽ هارون مليا جيڪي سندن انتظار ڪري رهيا هئا.
21
بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“
22
تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي مالڪ! تو ڇو هن قوم کي مصيبت ۾ وڌو آهي ۽ ڇو مون کي هتي موڪليو اٿيئي؟
23
جڏهن کان آءٌ تنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان تڏهن کان هو هن قوم کي وڌيڪ ٿو ستائي. پر تو پنهنجيءَ قوم کي بچائڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40