bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 14
Exodus 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 15 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي پٺتي موٽي مجدال ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تي فيهخيروت وٽ بعلصفون جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي منزل ڪن.
3
فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن.
4
آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.
5
جڏهن مصر جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي خلاف ڦيرو کاڌو ۽ هو چوڻ لڳا تہ ”اسان هي ڇا ڪيو جو بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟“
6
سو فرعون پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي ۽ پنهنجي فوج کي پاڻ سان کنيائين.
7
هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گھوڙي گاڏين سان گڏوگڏ مصر جون ٻيون سموريون عام جنگي گھوڙي گاڏيون بہ پاڻ سان کنيون، جن تي فوجي سالار نگران هئا.
8
خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو، ڇاڪاڻ تہ اهي سندس وٽان وڏي دليريءَ سان نڪري ويا هئا.
9
مصري فوج فرعون جي سڀني گھوڙن، گاڏين ۽ سوارن سميت انهن جي پٺيان پيئي. هو اتي اچي پهتا جتي بني اسرائيل سمنڊ جي ڪناري تي فيهخيروت وٽ، بعلصفون جي سامهون منزل ڪيو ويٺا هئا.
10
جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.
11
هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻپٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين.
12
اسان تو کي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو ڇا تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؟ اسان جي لاءِ هن رڻپٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.“
13
تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.
14
خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“
15
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون منهنجي آڏو مدد لاءِ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي اڳتي هلن.
16
تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.
17
آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.
18
جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“
19
تنهن کان پوءِ خدا جو ملائڪ جيڪو بني اسرائيل جي لشڪر جي اڳيان هلندو رهندو هو، سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. ڪڪر جو ٿنڀو بہ هنن جي اڳ کان نڪري سندن پٺيان آيو.
20
اهو مصرين جي لشڪر ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جي وچ ۾ وڃي بيٺو. اهو مصرين جي لاءِ اونداهو ڪڪر هو، پر بني اسرائيل جي لاءِ رات جو روشني ڏيندڙ هو. تنهنڪري سڄي رات ٻئي لشڪر هڪٻئي کي ويجھو اچي نہ سگھيا.
21
موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
22
بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.
23
مصري بہ انهن جي پٺيان ڪاهي پيا ۽ فرعون جا سڀ گھوڙا، گاڏيون ۽ سوار سندن پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ آيا.
24
صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.
25
هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“
26
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگھير تہ پاڻي موٽي مصرين، سندن گاڏين ۽ سوارن جي مٿان اچي.“
27
موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو ۽ پرهہ ڦٽڻ وقت سمنڊ ڦري پنهنجي اصلي حالت تي اچي بيٺو. مصرين پاڻيءَ کان بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خداوند کين سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.
28
سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.
29
پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.
30
اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.
31
جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→