bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 15
Exodus 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 16 →
1
ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.
2
منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.
3
خداوند جنگ جو سورهيہ آهي، سندس ئي نالو خداوند آهي.
4
هن فرعون جي لشڪر ۽ گاڏين کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ساڻس گڏ انهيءَ جا چونڊ فوجي سالار بہ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا.
5
سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو، اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.
6
اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.
7
تو پنهنجي وڏيءَ عظمت سان مخالفن کي برباد ڪيو، تو مٿن پنهنجو غضب نازل ڪيو، جنهن کين ائين ساڙي ڇڏيو جيئن بُهہ ساڙيو ويندو آهي.
8
تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.
9
دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘
10
تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو. اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.
11
اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟
12
جڏهن تو پنهنجو زورآور هٿ هنن مٿان ڊگھيريو هو، تڏهن تنهنجي دشمنن کي ڌرتي ڳهي ويئي هئي.
13
جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.
14
فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون، فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.
15
ادوم جي اڳواڻن کي پڻ دهشت اچي ورتو، موآبي اڳواڻن کي بہ بيحد ڏڪڻيءَ اچي ورايو، ۽ ڪنعان جو هر ڪو رهاڪو همت هاري ويٺو.
16
هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي. تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا، جيستائين اي خداوند! تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.
17
اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي آڻي پنهنجي انهيءَ چونڊيل پهاڙ تي وڻ وانگر پوکيندين، جيڪو تو پنهنجي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. هائو، اي مالڪ! اها مقدس جاءِ تنهنجي هٿن تيار ڪئي آهي.
18
بيشڪ اي خداوند! ازل کان ابد تائين، رڳو تنهنجي بادشاهي آهي.“
19
سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو.
20
تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.
21
مريم هنن جي گيت جي جواب ۾ هي ڳايو تہ ”اوهين خداوند جو حمد وَ ثنا ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن جلال واري فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.“
22
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.
23
پوءِ هو هڪ جاءِ تي اچي پهتا، پر اُتان جو پاڻي پي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪؤڙو هو. انهيءَ ڪري ان جاءِ جو نالو ”مارہ“ پئجي ويو.
24
تڏهن ماڻهو موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسين ڇا پيئون؟“
25
تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو. اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين.
26
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“
27
پوءِ هو ايليم ۾ اچي پهتا، جتي ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا. اُتي ئي پاڻيءَ جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40