bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 6
Exodus 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 7 →
1
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“
2
خدا موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند حاضر آهيان.
3
جڏهن مون ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’ خداوند ‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.
4
مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس.
5
هينئر جڏهن تہ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجيءَ غلاميءَ ۾ رکيو آهي، تڏهن مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.
6
تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.
7
آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
8
آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“
9
پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.
10
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
11
”تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي.“
12
تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“
13
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو تہ ”توهين بني اسرائيل ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي ٻڌايو تہ مون خداوند بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ توهان کي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“
14
موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا.
15
شمعون کي ڇهہ پٽ هئا: يموايل، يامين، اُهد، يڪين، صُحر ۽ شائول، جيڪو هڪڙيءَ ڪنعاني عورت جو پٽ هو. انهن جي نالن تي شمعون جا گھراڻا هئا.
16
لاويءَ کي ٽي پٽ هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. انهن جي نالن تي لاويءَ جا گھراڻا هئا. لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.
17
جيرشون کي ٻہ پٽ هئا: لبني ۽ شمعي. انهن مان ٻيا بہ گھراڻا پيدا ٿيا.
18
قهات کي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل. قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ سال هئي.
19
مراريءَ کي ٻہ پٽ هئا: محلي ۽ موشي. لاويءَ جي ٽنهي پٽن مان لاويءَ جي گھراڻن جو نسل وڌيو.
20
عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.
21
اضهار کي ٽي پٽ هئا: قورح، نفج ۽ زڪري.
22
عزيايل کي بہ ٽي پٽ هئا: ميشاايل، اليصافن ۽ ستري.
23
هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
24
قورح کي ٽي پٽ هئا: اسير، القاناہ ۽ ابياسف. انهن جي نالن سان قورح جا گھراڻا وڌيا.
25
هارون جي پٽ اليعزر، فوطيايل جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس فينحاس پيدا ٿيو. اهي سڀ لاوي قبيلي جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جا وڏا هئا جن جي نالن سان گھراڻا ٿيا.
26
هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ ”بني اسرائيل جي پوريءَ قوم کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.“
27
هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ ”اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون.“
28
هاڻي جڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ موسيٰ سان ڳالهايو،
29
تڏهن کيس چيائين تہ ”آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج.“
30
پر موسيٰ خداوند کي وراڻيو تہ ”تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان. سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃيندو؟“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40