bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 7
Exodus 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 8 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تو کي معلوم هئڻ گھرجي تہ مون تو کي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو پيغمبر ٿيندو.
2
جيڪو بہ حڪم آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون هارون کي ٻڌائج. تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوي تہ هو بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي.
3
آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس. جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجا معجزا ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس،
4
پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.
5
جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“
6
پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.
7
سو جنهن وقت هنن فرعون وٽ وڃي ساڻس ڳالهايو، تنهن وقت موسيٰ جي عمر اسي سال ۽ هارون جي ٽياسي سال هئي.
8
خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
9
”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“
10
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.
11
تڏهن فرعون بہ ڏاهن ۽ جادوگرن کي گھرايو. انهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو.
12
انهن مان هر هڪ پنهنجي لٺ هيٺ اڇلائي تہ اهي نانگ ٿي پيون. پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي.
13
پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي. سو جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.
14
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ” فرعون جي دل سخت ٿي چڪي آهي سو هو منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ٿو ڏئي.
15
هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.
16
پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.
17
هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.
18
درياءَ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن سي سڀ مري وينديون ۽ درياءَ ۾ اهڙي تہ بدبوءِ ٿي پوندي جو مصرين کي درياءَ جو پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.‘“
19
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ” هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“
20
تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.
21
درياءَ ۾ جيڪي مڇيون هيون سي سڀ مري ويون ۽ درياءَ بدبودار ٿي پيو. مصر جا ماڻهو درياءَ جو پاڻي پي نہ سگھيا ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.
22
تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو. سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند اڳ ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.
23
پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گھر هليو ويو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو بہ سندس دل تي ڪو اثر نہ ٿيو.
24
سڀني مصرين درياءَ جي آسپاس پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون، ڇاڪاڻ تہ هو درياءَ جو پاڻي پي نہ ٿي سگھيا.
25
درياءَ تي خداوند جي آفت آڻڻ کي ست ڏينهن گذري ويا.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40