bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 30
Exodus 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 31 →
1
”لوبان ساڙڻ جي لاءِ تون هڪڙي قربانگاهہ ٺهرائج. تون اها ٻٻر جي ڪاٺ مان ٺهرائج.
2
اها چورس هجي، جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هجي. انهيءَ جي اوچائي ڏيڍ هٿ هجي. ان جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن.
3
تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج، جيڪو ان جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هجي. انهيءَ جي چوڌاري سون جي ڪناري ٺهرائج.
4
انهيءَ ڪناريءَ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي ٻہ سونا ڪڙا ٺهرائج، انهيءَ لاءِ تہ قربانگاهہ کي کڻڻ لاءِ اهي ٻانهيون وجھڻ جي جاءِ ٿين.
5
اهي ٻانهيون ٻٻر جي ڪاٺيءَ مان ٺهرائج ۽ انهن جي مٿان بہ سونو پٽ چاڙهائج.
6
تون اها قربانگاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.
7
هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربانگاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.
8
سانجھيءَ جو بہ جڏهن هو ڏيئا ٻاري تڏهن اهو ساڙي. اهو لوبان مون خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ ساڙبو رهبو.
9
انهيءَ تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙيو وڃي، نہ ئي مٿس ساڙڻ واري قرباني يا اناج جي قرباني يا اوتڻ واري قرباني هاري وڃي.
10
سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربانگاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربانگاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربانگاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“
11
خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ
12
”جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هر ڪو مرد شمار وقت مون خداوند جي لاءِ پنهنجيءَ جان جو صدقو ڏئي، انهيءَ لاءِ تہ شمار ڪرڻ کان پوءِ منجھن ڪا وبا نہ پوي.
13
هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادتگاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.
14
هر مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي ۽ جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي، سو مون خداوند جي لاءِ اهو نذرانو ڏئي.
15
پنهنجي جانين جي صدقي لاءِ جڏهن هو مون خداوند جي آڏو نذرانو ڏين، تڏهن شاهوڪار اڌ سڪي کان وڌيڪ نہ ڏئي ۽ غريب انهيءَ کان گھٽ نہ ڏئي.
16
تون بني اسرائيل کان صدقي جا پئسا وٺي، اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ڪم آڻج، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي طرفان سندن جانين جي صدقي لاءِ اهي مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ نشاني هجن.“
17
خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ
18
”تون وضو ڪرڻ لاءِ هڪڙو پتل جو حوض ۽ انهيءَ جي هيٺان رکڻ لاءِ پتل جي گھوڙي ٺهرائج. اهو حوض مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ رکائج ۽ ان ۾ پاڻي ڀرائي ڇڏج.
19
اهو هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن ۽ پيرن ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿئي.
20
جڏهن بہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچن، تڏهن پاڻيءَ سان وضو ڪن، انهيءَ لاءِ تہ مري نہ پون. جڏهن هو قربانگاهہ تي مون خداوند جي خدمت لاءِ ڪي بہ ساڙيون ويندڙ قربانيون ڪرڻ اچن، تڏهن بہ ائين ئي ڪن.
21
اهڙيءَ طرح هو پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئي اچن، تانتہ مري نہ پون. اهو هنن جي لاءِ ۽ سندن اولاد جي لاءِ، سڀني پيڙهين تائين هميشہ جي واسطي قانون ٿيندو.“
22
انهيءَ کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
23
”عبادتگاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،
24
پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي،
25
انهن کي چڱيءَ طرح گڏي، مسح ڪرڻ جو خاص تيل ٺاهيو وڃي، جيڪو عمدو ۽ خوشبودار هجي، جهڙو ڪاريگر عطار ٺاهيندا آهن. اهو مسح ڪرڻ جو مخصوص تيل ٿيندو.
26
تون انهيءَ تيل سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ عهد واري صندوق کي مسح ڪري مخصوص ڪج.
27
تون ميز کي ان جي ٿانون سميت، شمعدان کي ان جي ٿانون سميت ۽ لوبان ساڙڻ واريءَ قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪج.
28
ان کان علاوہ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ کي ان جي سڀني ٿانون سميت ۽ حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪري
29
مخصوص ڪج، تہ جيئن اهي مون لاءِ ئي مخصوص ٿي وڃن. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو انهن کي ڇهي يا جا بہ شيءِ انهن تي استعمال ڪجي سي ضرور مخصوص ٿيل هجن.
30
پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.
31
تون بني اسرائيل کي چئج تہ سندن سڀني پيڙهين تائين اهو مخصوص تيل منهنجي لاءِ مسح ڪرڻ واسطي ئي هوندو.
32
اهو ڪنهن عام ماڻهوءَ جي بدن تي نہ وڌو وڃي، نڪي انهيءَ جي بناوت جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو پاڪ آهي. سو انهيءَ کي مخصوص ڪري ڄاتو وڃي.
33
جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
34
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن.
35
پوءِ انهن کي لوڻ جي رائي ڏيئي، ڪاريگر عطار وانگر انهن مان خوشبودار، صاف ۽ پاڪ لوبان بڻايو وڃي.
36
تون انهيءَ مان ڪجھہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج ۽ انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي سامهون رکج، جتي آءٌ تو سان ملندو رهندس. اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندو.
37
جيڪو لوبان انهيءَ طريقي سان ٺاهيو وڃي، تنهن جهڙو ٻيو لوبان پنهنجي لاءِ ڪوبہ نہ ٺاهي. اهو لوبان مون خداوند جي لاءِ مخصوص هوندو.
38
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سنگھڻ لاءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ٺاهيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40