bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 13
Exodus 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 14 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“
3
پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.
4
اوهين ابيب مهيني جي اڄوڪي ڏينهن مصر مان ٻاهر نڪتا آهيو.
5
جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.
6
ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي ۽ ستين ڏينهن خداوند لاءِ عيد ملهائجو.
7
انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بيخميري ماني کائجو. خمير واري ماني اوهان وٽ ڏسڻ ۾ بہ نہ اچي ۽ نڪي اوهان جي سرحدن اندر ڪٿي ڪو خمير نظر اچي.
8
عيد جي ڏينهن اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پٽ کي ٻڌائي تہ ’هي ڏينهن آءٌ انهيءَ ڪم جي يادگار لاءِ ملهائيندو آهيان جيڪو خداوند منهنجي لاءِ ان وقت ڪيو جڏهن آءٌ مصر مان نڪري رهيو هئس.‘
9
اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي،
10
تنهنڪري توهين انهيءَ قانون تي مقرر ڪيل وقت تي هر سال عمل ڪندا رهجو.
11
پوءِ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين جي ملڪ ۾ پهچائي اهو اوهان کي عطا ڪري، جنهن جي ڏيڻ جو هن اوهان سان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو،
12
تڏهن جيڪو بہ پهريتو پٽ پيٽ مان نڪري سو اوهين خداوند لاءِ ڌار ڪجو. اوهان جي چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا خداوند جا ٿيندا.
13
پر گڏهہ جي پهريتي ٻچي جي بدران هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو عيوضي طور ڏجو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جي لاءِ عيوضو نہ ڏيو تہ انهيءَ جي ڳچي ڀڃي ڇڏجو. اوهان کي پنهنجي پٽن مان هر هڪ پهريتي پٽ جو عيوضو ڏيڻو پوندو.
14
ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جو پٽ اوهان کان پڇي تہ ’هن رسم جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘ تڏهن اوهين هن کي ٻڌائجو تہ ’ خداوند اسان کي مصر ملڪ مان، جتي اسين غلام هئاسين، پنهنجي طاقتور هٿ سان ڪڍي ٻاهر آندو.
15
جڏهن فرعون جي دل سخت هئي ۽ هن اسان کي وڃڻ نہ ٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي سڀني پهريتن نر ٻچن کي ماري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اسين چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي قربان ڪريون ٿا. پر پنهنجن پهريتن پٽن جي بدران عيوضو ڏيون ٿا.
16
تنهنڪري اها رسم ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.‘“
17
جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن خدا کين فلستين جي علائقي واري رستي کان نہ وٺي ويو، جيتوڻيڪ اهو ويجھو هو. هن ڪري جو خدا فرمايو هو تہ ”متان هي ماڻهو جنگ جھيڙو ڏسي پشيمان ٿين ۽ مصر ڏانهن موٽي وڃن.“
18
پر خدا انهن ماڻهن کي بيابان منجھان ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وٺي آيو. بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا هئا.
19
موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا، ڇاڪاڻ تہ يوسف بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ ”خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.“
20
پوءِ بني اسرائيل سُڪات کان روانا ٿيا ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون.
21
ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.
22
ڏينهن جي وقت اهو ڪڪر جو ٿنڀو ۽ رات جي وقت باهہ جو ٿنڀو، انهن ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن بہ گم ڪونہ ٿيندو هو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→