bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 9
Exodus 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 10 →
1
خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃي کيس مون خداوند عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.
2
جيڪڏهن تون وري انڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين ۽ اڃا بہ کين روڪيندين،
3
تہ ياد رک، آءٌ تنهنجي چوپائي مال، جيڪو جھنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گھوڙا، گڏهہ، اٺ، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون، تن ۾ اهڙو هٿ وجھندس جو منجھن سخت وبا پوندي.
4
پر آءٌ بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندس. بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.
5
آءٌ خداوند ، ائين ڪرڻ لاءِ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ڪريان ٿو.‘“
6
ٻئي ڏينهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن چيو هئائين. سو مصرين جو سمورو چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.
7
فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.
8
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”اوهين ٻئي کُوري جي رک مان مُٺيون ڀري کڻو ۽ موسيٰ ان کي فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اڇلائي.
9
اها رک سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا ٿي نڪرندي.“
10
سو هنن ٻنهي کُوري جي رک کنئي ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا. موسيٰ اها آسمان ڏانهن اڇلائي تہ اها ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا بڻجي ويئي.
11
جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ ٻين سڀني مصرين وانگر سندن بدن تي بہ ڦرڙيون نڪتيون هيون.
12
پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ کي فرمايو هو.
13
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير اُٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ ۽ کيس مون خداوند ، عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.
14
هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
15
جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيري تو کي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماري ڇڏيان ها تہ تون زمين تان بلڪل ميٽجي وڃي ها.
16
پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.
17
تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.
18
سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.
19
تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سامان جيڪو کُليل ميدان ۾ هجيئي سو اندر ڪري وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو يا جانور کُليل ميدان ۾ هوندو ۽ گھر جي اندر نہ آندو ويو هوندو تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.‘“
20
تڏهن فرعون جي رعيت مان جنهن کي بہ خدا جي چيل ڳالهين جو ڊپ هو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ چوپايو مال ڀڄائي گھر ۾ اندر آندو.
21
پر جنهن خداوند جي ڳالهين تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال کُليل ميدان ۾ ئي ڇڏي ڏنو.
22
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگھير تہ سڄي مصر جي ملڪ تي ماڻهن، جانورن ۽ ٻنيءَ جي سموري ساوڪ جيڪا مصر ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.“
23
سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي
24
سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.
25
مصر جي سڄي ملڪ ۾ جيڪي بہ کُليل ميدان ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو. ڳڙن جي ڪري ٻنين جي سڄي ساوڪ برباد ٿي ويئي ۽ سڀ وڻ ڀڄي پيا.
26
پر جشن جو علائقو جنهن ۾ بني اسرائيل رهندا هئا، سو ئي اهڙي جاءِ هئي جتي ڳڙو ڪونہ پيو.
27
تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون.
28
اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“
29
تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي.
30
باقي تنهنجي ۽ تنهنجي رعيت جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند خدا جو خوف ڪونہ آهي.“
31
ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل برباد ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ گل ڪڍيا هئا.
32
پر عام ڪڻڪ ۽ اعليٰ قسم جي ڪڻڪ جو فصل برباد ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڃا سنگ ئي ڪين ڪيا هئا.
33
پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.
34
جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن، ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن هن پنهنجي رعيت سميت وري اڳي وانگر پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو.
35
سو هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40