bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 4
Exodus 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 5 →
1
تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’ خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“
2
تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“
3
خداوند چيس تہ ”اها زمين تي اڇلاءِ.“ هن اها زمين تي اڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي. موسيٰ انهيءَ کان ڀڄي پري ٿيو.
4
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھل.“ موسيٰ هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھليو تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو.
5
پوءِ خداوند چيس تہ ”انهيءَ سان بني اسرائيل اعتبار ڪندا تہ آءٌ خداوند ، انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏني آهي.“
6
خداوند وري چيس تہ ”هاڻي پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ جي بيماريءَ وانگر بلڪل اڇو ٿي پيو هو.
7
خداوند چيس تہ ”پنهنجو هٿ ٻيهر چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن وري پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ اهو سندس باقي بدن جهڙو ٿي پيو هو.
8
خداوند چيس تہ ”جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪن ۽ پهرئين معجزي کي بہ نہ مڃين تہ پوءِ شايد ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪن.
9
پر جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪن ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃين تہ پوءِ تون نيل درياءَ جو ٿورو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هاري ڇڏج. اهو پاڻي جيڪو تون درياءَ مان ڪڍندين سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.“
10
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“
11
تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟
12
تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“
13
پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“
14
انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.
15
تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو.
16
تنهنجي بدران هو ماڻهن سان ڳالهائيندو. هو ڄڻ تہ تنهنجي زبان هوندو ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا هوندين.
17
تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“
18
تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“
19
موسيٰ اڃا مديان ۾ ئي هو تہ خداوند چيس تہ ”مصر ڏانهن موٽي وڃ، ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن تو کي مارڻ ٿي گھريو سي مري ويا آهن.“
20
تڏهن موسيٰ پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ اها لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي جنهن لاءِ خدا چيو هئس.
21
خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.
22
تڏهن تون فرعون کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’بني اسرائيل منهنجو پهريتو پٽ آهي.
23
سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“
24
مصر ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪڙيءَ منزل تي خداوند موسيٰ کي گڏيو ۽ کيس مارڻ گھريائين.
25
تڏهن سندس زال صفورہ هڪدم هڪڙو تکو پٿر کڻي پنهنجي پٽ جو طهر ڪيو ۽ وڍيل کل جي ٽڪر سان موسيٰ جي پيرن کي ڇهي چيائين تہ ”بيشڪ تون منهنجي لاءِ رت وارو گھوٽ آهين.“
26
سو جڏهن هن طهر واريءَ اها رسم ادا ڪئي تڏهن خدا موسيٰ کي ڇڏي ڏنو.
27
انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين.
28
تڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون جيڪي خدا کيس ٻڌائي روانو ڪيو هو ۽ اهي معجزا جيڪي ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايا هئائين، سي سڀ هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.
29
پوءِ موسيٰ ۽ هارون مصر ويا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائون.
30
هارون اهي سموريون ڳالهيون جيڪي خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي انهن کي بيان ڪيون. اتي موسيٰ ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.
31
تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40