bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 25
Exodus 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 26 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ.
3
جيڪي شيون تون نذراني طور هنن کان وٺندين سي هي آهن: سون، چاندي ۽ پتل،
4
آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ ڏاس،
5
گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،
6
ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ لوبان لاءِ مصالحا،
7
مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر.
8
هو منهنجي لاءِ هڪڙو مقدس خيمو ٺاهين، جو آءٌ سندن وچ ۾ رهندس.
9
انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“
10
”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هجي.
11
تون انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج.
12
تون انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا پلٽي ٺهرائج ۽ اهي صندوق جي چئني پاون تي هڻائج. ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي هڻائج ۽ ٻہ ٻئي پاسي.
13
تون ٻٻر جي ڪاٺ جون ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج.
14
اهي ٻئي ٻانهيون صندوق جي ٻنهي پاسن تي انهن ڪڙن ۾ وجھائج، تہ جيئن صندوق کي کڻي سگھجي.
15
اهي ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ ئي پيون هجن ۽ انهن مان اصل نہ ڪڍيون وڃن.
16
عهد واريون ٻئي تختيون جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.
17
تون نج سون مان صندوق جي ڍڪڻ لاءِ رحمت جو پوش ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.
18
تون رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي سون کي گھڙي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرائج.
19
هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي ٺهرائج. تون رحمت جي پوش ۽ ان جي ٻنهي ڇيڙن وارن مجسمن کي هڪڙي ئي ٽڪري مان ٺهرائج.
20
اهي مجسما اهڙيءَ طرح مٿي پر پکيڙي بيهن جو سندن پرن سان رحمت جو پوش ڍڪجي وڃي. ٻيئي مجسما هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي رحمت جي پوش ڏانهن ڏسندا هجن.
21
تون عهد واريون ٻئي تختيون، جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي انهيءَ صندوق ۾ رکج ۽ رحمت جو اهو پوش صندوق جي مٿان رکج.
22
اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“
23
”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي.
24
انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ ان جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج.
25
ميز جي چوگرد چار آڱر اُڀي ڪناري ٺهرائج ۽ ڪناريءَ جي مٿان بہ چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج.
26
انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا ٺهرائي، اهي ميز جي چئني پاون تي لڳرائج.
27
اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجھو هجن، تہ جيئن ميز کي کڻڻ جي لاءِ ٻانهين وجھڻ جي جاءِ رهي.
28
تون ٻٻر جي ڪاٺ مان ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج، جيئن انهن سان اها ميز کڻجي.
29
تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج.
30
انهيءَ ميز تي تون منهنجي حضور ۾ نذراني وارا روٽ هميشہ رکندو رهج.“
31
”تون نج سون کي گھڙائي هڪڙو شمعدان ٺهرائج، جيڪو تري، شاخن، ڏياٽين، بونبن ۽ گلن سميت هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجي.
32
شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هجن، ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ۽ ٽي ٻئي پاسي کان.
33
انهن ڇهن ئي شاخن مان هر هڪ ۾ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا ٽي ٽي گل پنهنجي بونبن ۽ پتين سميت هجن.
34
شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ ۾ چار باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هجن.
35
انهن چئن گلن مان هڪ پهرين ٻن شاخن جي هيٺان هجي، ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هجي ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هجي.
36
اهڙيءَ طرح گلن ۽ شاخن سميت پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هجي.
37
تون شمعدان جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺهرائج. اهي ڏيئا شمعدان تي اهڙيءَ طرح رکائج جو انهن جي روشني سامهون هجي.
38
تون ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا نج سون مان ٺهرائج.
39
شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون جو هجي.
40
ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→