bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 26
Exodus 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 27 →
1
”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.
2
هر هڪ پردي جي ڊيگھہ ٻارهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هجي. سڀيئي پردا هڪڙيءَ ئي ماپ جا هجن.
3
پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن ۽ ٻيا پنج پردا بہ ساڳيءَ طرح ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن.
4
ڊيگھہ واري پاسي کان جتي هي ٻئي وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن سان سوراخ ٺهرائج. ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ئي سوراخ ٺهرائج.
5
پنجاهہ سوراخ هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي ٺهرائج. اهي سوراخ هڪٻئي جي آمهون سامهون هجن.
6
پنجاهہ سون جا ڪُنڍا ٺهرائج ۽ ٻنهي وڏن پردن کي انهن ڪُنڍن سان ڳنڍائي ڇڏج. اهڙيءَ طرح سڄي قنات ۽ پال هڪ ٿي پوندي.“
7
”خيمي کي مٿان ڍڪڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا ٺهرائج.
8
هر هڪ پردي جي ڊيگھہ تيرهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هجي. اهي يارهن ئي پردا هڪڙيءَ ماپ جا هجن.
9
پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٽڪرو ٺهرائج. باقي ڇهہ پردا ڌار ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٻيو ٽڪرو ٺهرائج، جنهن جو ڇهون پردو، خيمي جي در مٿان ٻيڻو ڪرائي ڇڏج.
10
هنن ٽڪرن کي ڊيگھہ واري پاسي کان جن ڪنارن وٽان ڳنڍيو وڃي تن ڪنارن تي پنجاهہ پنجاهہ سوراخ ٺهرائج.
11
پوءِ تون پنجاهہ پتل جا ڪنڍا ٺهرائي انهن سوراخن ۾ وجھائي خيمي کي مٿان ڳنڍائي هڪ ڪرائي ڇڏج.
12
خيمي جي انهيءَ ڍڪ جو باقي حصو جيڪو بچي پوي سو خيمي جي پٺئين پاسي ڀلي زمين تي پيو رهي.
13
ڍڪ جي ٻنهي پاسن ۾ جيڪو اڌ اڌ ميٽر قنات کان وڌيڪ آهي، سو ڀلي خيمي جي ٻنهي پاسن ۾ قنات جي ٻاهران لڙڪيل هجي تہ جيئن خيمو پوريءَ طرح ڍڪيل رهي.
14
خيمي جي مٿان وجھڻ لاءِ ٻہ غلاف ٻيا بہ ٺهرائج، هڪڙو گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان ۽ ٻيو ڊالفن دريائي جانور جي کلن مان.
15
ٻٻر جي ڪاٺ جا فريم ٺهرائج، جيڪي خيمي کي ٽيڪ ڏيارڻ لاءِ اُڀا بيهاريا وڃن.
16
هر هڪ فريم جي ڊيگھہ ڏهہ هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.
17
هر فريم ۾ آمهون سامهون ٻہ ٻہ چوڙون هجن، جيئن اهي هڪٻئي سان ڳنڍي سگھجن. تون خيمي جا سڀيئي فريم ائين ئي ٺهرائج.
18
خيمي جي لاءِ تون جيڪي فريم ٺهرائين تن مان ويهہ فريم ڏاکڻي پاسي لاءِ هجن.
19
انهن ويهن فريمن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺهرائج. هر هڪ فريم جي ٻنهي چوڙن جي هيٺان هڪ هڪ پائو هجي.
20
خيمي جي ٻئي پاسي يعني اتر طرف لاءِ بہ ويهہ فريم ٺهرائج،
21
جن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺهرائج. هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ ٻہ پاوا هجن.
22
خيمي جي پٺئين پاسي يعني اولهہ طرف لاءِ ڇهہ فريم ٺهرائج.
23
انهيءَ پٺئين پاسي ۾ خيمي جي ڪنڊن لاءِ بہ ٻہ فريم ٺهرائج،
24
جيڪي هيٺان کان چوٽيءَ تائين ٻٽا هجن ۽ اچي اهي هڪڙي ڪڙي ۾ ڳنڍجي وڃن. ٻئي فريم اهڙي نموني جا هجن. اهي ٻنهي ڪنڊن جي لاءِ هجن.
25
سو اهڙا اٺ فريم هجن ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا سورهن پاوا هجن، يعني هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ ٻہ پاوا.
26
تون ٻٻر جي ڪاٺ جا پنج پنج گز خيمي جي اتر ۽ ڏکڻ وارن فريمن لاءِ ٺهرائج.
27
ٻيا پنج گز خيمي جي اولهہ يعني پٺئين پاسي وارن فريمن لاءِ ٺهرائج.
28
انهن ٽنهي پاسن جي فريمن جي وچ وارو گز هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچي.
29
تون انهن فريمن تي سون جو پٽ چاڙهائج. گزن لاءِ سون جا ڪڙا ٺهرائج ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهائج.
30
خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.
31
تون سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو ٺهرائج، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهيءَ پردي تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.
32
انهيءَ پردي کي سون سان مڙهيل ٻٻر جي چئن ٿنڀن تي ٽنگائي ڇڏج. انهن جا ڪُنڍا سون جا ۽ پاوا چانديءَ جا هجن.
33
اهو پردو تون وڏن پردن جي ڪُنڍن جي هيٺان لٽڪرائي ڇڏج. پوءِ اها عهد واري صندوق ، انهيءَ پردي جي اندر آڻي رکائج. هي پردو اوهان جي لاءِ مقدس جاءِ کان مقدس ترين جاءِ کي الڳ ڪندو.
34
تون رحمت جو پوش مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان رکائج.
35
مقدس ترين جاءِ جي پردي جي ٻاهران ميز رکائج. شمعدان ميز جي سامهون خيمي جي ڏکڻ واري پاسي رکائج، جيئن ميز اتر واري پاسي رهي.
36
خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.
37
انهيءَ پردي جي لاءِ ٻٻر جا پنج ٿنڀا ٺهرائج ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج. انهن جا ڪنڍا سون جا هجن. انهن جي لاءِ پتل جا پنج پاوا پلٽائي ٺهرائج.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40