bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 38
Exodus 38
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 39 →
1
بصلايل ساڙڻ وارين قربانين جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ مان هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر، ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي.
2
هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ بڻايا. اهي سڱ ۽ قربانگاهہ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. هن انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيو.
3
هن قربانگاهہ جا سمورا ٿانوَ بہ ٺاهيا، يعني رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا. اهي سڀ ٿانوَ هن پتل مان ٺاهيا.
4
هن قربانگاهہ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺاهيو، جيڪو قربانگاهہ جي ڪنارن کان هيٺ اڌ تائين ٿي پهتو.
5
هن پتل جي آتشدان جي چئن ئي ڪنڊن تي ٻانهيون وجھڻ جي لاءِ چار ڪڙا پلٽي ٺاهيا.
6
ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيائين ۽ انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيائين.
7
هن اهي ٻانهيون قربانگاهہ جي ٻنهي پاسن وارن انهن ڪڙن ۾ وڌيون، تہ جيئن قربانگاهہ کي کڻي سگھجي. هن اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺاهي.
8
جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي.
9
پوءِ هن سنهي وٽيل سڻيءَ جي پردن سان اڱڻ جي قنات بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اتر توڙي ڏکڻ واري پاسي کان چوئيتاليهہ ميٽر هئي.
10
ٻنهي پاسن لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا ۽ ويهہ ويهہ ئي پتل جا پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.
12
اولهہ واري پاسي لاءِ ٻاويهہ ميٽر ڊگھي قنات هئي، جنهن لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.
13
اوڀر واري پاسي جي ڊيگھہ پڻ ٻاويهہ ميٽر هئي.
14
انهيءَ طرف دروازو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن واري قنات جي پردن جي ڊيگھہ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي. انهن جي لاءِ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ ٽي ٽي پاوا هئا.
16
اڱڻ جي چوڌاري سڀيئي پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا.
17
ٿنڀن جا پاوا پتل جا هئا ۽ ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. ٿنڀن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو. اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا.
18
اڱڻ جي دروازي وارو پردو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا ۽ اهو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. اهو نوَ ميٽر ڊگھو ۽ اڱڻ جي قنات وانگر ٻہ ميٽر اوچو هو.
19
انهيءَ جا چار ٿنڀا ۽ انهن لاءِ پتل جا چار پاوا هئا. انهن جا ڪنڍا، بند ۽ چوٽيءَ وارو ڍڪ سڀ چانديءَ جا هئا.
20
خيمي ۽ اڱڻ جي چوڌاري قناتن واريون سڀ ڪليون پتل جون هيون.
21
مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو.
22
يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ يعني حور جي پوٽي بصلايل اهو سڀ ڪجھہ ٺاهيو جنهن بابت خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
23
دان جي قبيلي مان احيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن جو مددگار هو، جيڪو اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ ماهر نقاش هو. هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪندڙ هو.
24
تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو.
25
قوم طرفان شمار ڪيل سموري چاندي، عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق ٽي هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام هئي.
26
ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا.
27
انهيءَ ٽي هزار چار سؤ ڪلوگرام چانديءَ مان مقدس خيمي ۽ وچ واري پردي جي ٿنڀن جا پاوا پلٽي ٺاهيا ويا. انهيءَ مان ڪل هڪ سؤ پاوا يعني هر هڪ پائو چوٽيهن ڪلوگرامن مان ٺاهيو ويو.
28
باقي بچيل ويهہ ڪلوگرام چانديءَ مان ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند ٺاهيا ويا ۽ انهن جي چوٽين تي پٽ چاڙهيا ويا.
29
نذراني ۾ ڏنل سمورو پتل ٻہ هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام ٿيو.
30
انهيءَ مان خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، ساڙڻ وارين قربانين واري پتل جي قربانگاهہ، انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان ۽ قربانگاهہ جا سڀ ٿانوَ ٺاهيا ويا.
31
ان کان سواءِ انهيءَ مان اڱڻ جي چوڌاري ٿنڀن وارا پاوا، اڱڻ جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، خيمي جون سڀ ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون ٺاهيون ويون.
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→