bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 23
Exodus 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 24 →
1
”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو.
2
اوهين بڇڙائي ڪرڻ ۾ ماڻهن جي انبوهہ جي پيروي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن معاملي ۾ ناحق ڪرڻ لاءِ گھڻن ماڻهن جو طرف وٺي پنهنجي شاهدي ڦيرايو.
3
اوهين ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي معاملي ۾ بہ سندس ناجائز طرفداري نہ ڪريو.
4
جيڪڏهن اوهين پنهنجي دشمن جو ڏاند يا گڏهہ رلندو ڏسو، تہ اهو ضرور ورائي آڻي انهيءَ کي ڏيو.
5
جيڪو ماڻهو اوهان کي ڌڪاري ٿو، جيڪڏهن اوهين انهيءَ جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسو، تہ کيس ڇڏي هليا نہ وڃو، بلڪ ضرور سندس مدد ڪريو.
6
اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو.
7
ڪوڙيءَ تهمت کان پاڻ کي پري رکو. بيگناهہ ۽ سچار کي قتل نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بڇڙي کي بيڏوهي قرار نہ ڏيندس.
8
اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.
9
اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“
10
”ڇهہ سال اوهين پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪريو ۽ انهيءَ جو فصل گڏ ڪريو.
11
پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.
12
ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستين ڏينهن آرام ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ڏاندن ۽ گڏهن کي بہ آرام ملي. ساڳئي نموني اوهان جا غلام ۽ ڌاريا بہ آرام وٺي تازا توانا ٿين.
13
جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“
14
”اوهين سال ۾ ٽي دفعا منهنجي لاءِ عيد ملهايو.
15
اوهين بيخميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.
16
لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.
17
سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.
18
اوهين منهنجي لاءِ جيڪا جانورن جي قرباني ڪريو، تنهن جو رت، خميري مانيءَ سان گڏ نذر نہ ڪريو، نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهڻ ڏيو.
19
اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“
20
”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.
21
اوهين انهيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيو ۽ سندس چيو مڃو. هن سان سرڪشي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ کيس منهنجي اختياري هوندي، سو هو اوهان جي خطا معاف نہ ڪندو.
22
پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس.
23
جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.
24
اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
25
مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس.
26
اوهان جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ عورت جو حمل نہ ڪرندو، نہ وري ڪا سنڍ ٿيندي. آءٌ اوهان جي عمر جي ڏينهن جو شمار پورو ڪندس.
27
آءٌ اوهان جي دشمنن جي دلين ۾ پنهنجي دهشت اڳ ۾ ئي وجھي ڇڏيندس. پوءِ جن ماڻهن تي اوهين حملو ڪندا تن سڀني کي آءٌ شڪست ڏيندس. اوهان جي سڀني دشمنن کي آءٌ اوهان جي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.
28
آءٌ اوهان کان اڳ ۾ حوين، ڪنعانين ۽ حتين ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وجھندس جو اهي اوهان جي اڳيان پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪرندا.
29
آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ اوهان کان پري نہ هٽائي ڇڏيندس، ڇو تہ متان زمين ويران ٿي پوي ۽ جھنگلي جانور وڌي وڃن ۽ اوهان کي ستائين.
30
سو ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي ڀڄائي ڪڍندس، جيستائين اوهين وڌي وڃو ۽ زمين جا وارث ٿيو.
31
آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.
32
اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو.
33
انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نہ ڏيو. متان هو اوهان کان منهنجي خلاف گناهہ ڪرائين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا ڪندا تہ اهو اوهان جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
Recommended Reading
Commentary
Exodus Commentaries
→
Devotional
Exodus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→