bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 29
Exodus 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 30 →
1
”منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج، تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بيعيب گھٽا وٺج.
2
بيخميري ماني، تيل ۾ ڳوهيل بيخميرا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بيخميري ٽڪيون، اهي سڀ ميدي مان ٺهرائج.
3
اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجھائي، اها ٽوڪري انهيءَ وهڙي ۽ ٻن گھٽن سان گڏ کڻائي اچي نذر ڪج.
4
هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ وٺي آڻي تڙ ڪرائج.
5
پوءِ تون خاص پوشاڪ کڻائي اچي هارون کي پهراڻ، مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو، مذهبي فراڪ ۽ سينابند پارائج. ڪاريگريءَ سان ٺهيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند سندس چيلهہ سان ٻڌج.
6
سندس مٿي تي پڳ رکج ۽ پڳ جي مٿان ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکج.
7
پوءِ مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي، سندس مٿي ۾ وجھي کيس مخصوص ڪج.
8
تنهن کان پوءِ سندس پٽن کي ويجھو وٺي اچي کين پهراڻ ڍڪائج.
9
تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.
10
پوءِ تون اهو وهڙو مون سان ملاقات واري خيمي جي سامهون آڻج. هارون ۽ سندس پٽ ان وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
11
پوءِ تون اهو وهڙو مون خداوند جي آڏو مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ ذبح ڪج.
12
وهڙي جو ٿورو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج ۽ باقي سمورو رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏج.
13
پوءِ اها سموري چرٻي جيڪا آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان هوندي آهي ۽ جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ مٿن لڳل چرٻي کڻي قربانگاهہ تي ساڙي ڇڏج.
14
پر وهڙي جو گوشت، کل ۽ سندس اوجھہ خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙيا وڃن، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي.
15
پوءِ تون هڪڙي گھٽي کي ويجھو آڻج. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
16
پوءِ انهيءَ گھٽي کي تون ذبح ڪري، ان جو رت کڻي قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج.
17
گھٽي جا عضوا وڍي ڌار ڪري، انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوئي انهيءَ جي عضون ۽ منڍيءَ سان گڏ رکج.
18
تون اهو سڄو گھٽو قربانگاهہ تي ساڙج. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قرباني آهي. اها مون لاءِ هڪ وڻندڙ خوشبوءِ واري قرباني آهي، جنهن کي ساڙيو وڃي ٿو.
19
پوءِ تون ٻيو گھٽو آڻج، جيڪو مخصوصيت جو گھٽو آهي. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
20
تڏهن انهيءَ گھٽي کي ذبح ڪري، ان جو ڪجھہ رت کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺن تي ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺن تي لائج. باقي سمورو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج.
21
قربانگاهہ تي پيل رت مان ۽ مسح ڪرڻ واري تيل مان ڪجھہ کڻي هارون تي ۽ سندس خاص پوشاڪ تي ۽ ان سان گڏ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪ تي ڇٽڪاري ڇڏج. اهڙيءَ طرح هارون پنهنجي پوشاڪ سميت ۽ ساڻس گڏ هن جا پٽ پنهنجي پنهنجي پوشاڪ سميت مخصوص ٿي ويندا.
22
تون گھٽي جي چرٻي، سندس دنب، ٻي چرٻي جيڪا سندس آنڊن ۽ اوجھريءَ تي هوندي آهي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون، انهن تي لڳل چرٻي ۽ ان جي ساڄي ران کڻج.
23
بيخميري مانين واري ٽوڪري، جيڪا مون خداوند جي آڏو رکيل هوندي، تنهن مان هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍج.
24
اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي.
25
پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي ڇڏج، انهيءَ لاءِ تہ وڻندڙ خوشبوءِ مون خداوند جي آڏو هجي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.
26
تون هارون جي مخصوصيت واري گھٽي جو سينو ڪڍي، اهو مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪج، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي. اهو حصو خاص تنهنجو ٿيندو.
27
انهيءَ کان علاوہ ڪاهن جي مخصوص ٿيڻ وقت گھٽي جو هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ جو سينو ۽ دستي، انهن ٻنهي کي خاص قربانيءَ طور ڪاهنن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.
28
هن ڪري جو اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ ڪاهنن جو حق ٿئي. سو بني اسرائيل جي طرفان اهو سندن سلامتيءَ جي قربانين مان خاص قرباني ٿيندو، جيڪو سندن طرفان مون خداوند لاءِ آهي.
29
هارون جي خاص پوشاڪ کانئس پوءِ سندس پٽن جي ٿيندي، انهيءَ لاءِ تہ ان ۾ ئي کين مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.
30
جيڪو پٽ سندس جاءِ تي ڪاهن ٿيندو، سو جڏهن مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿئي، تڏهن ست ڏينهن اهي ڪپڙا پائي.
31
مخصوصيت واري گھٽي جو گوشت کڻي وڃي ڪنهن پاڪ جاءِ تي پچايو وڃي.
32
پوءِ هارون ۽ سندس پٽ، انهيءَ گھٽي جو گوشت ۽ ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني هجي، سا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويهي کائين.
33
کين مقرر ۽ مخصوص ڪرڻ لاءِ جن شين سان ڪفارو ڏنو وڃي، سي بہ هو کائين. پر ڪو ٻيو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇاڪاڻ تہ اهي مخصوص آهن.
34
جيڪڏهن انهيءَ مخصوصيت واري گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪجھہ صبح تائين بچي پوي تہ اهو ساڙيو وڃي. اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇاڪاڻ تہ اهو مخصوص آهي.
35
جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج ۽ کين ستن ڏينهن ۾ وقف ڪري ڇڏج.
36
تون هر روز پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو پنهنجي ڪفاري طور قربان ڪري قربانگاهہ کي پاڪ ڪج، پوءِ مٿس تيل مکي انهيءَ کي مخصوص ڪج.
37
اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين تون ڪفارو ڏيندو رهج ۽ قربانگاهہ کي مخصوص ڪندو رهج، تہ قربانگاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿي ويندي. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو قربانگاهہ کي ڇهي يا جيڪا بہ شيءِ ان تي استعمال ڪئي وڃي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي.“
38
”ڏس، ڪاهن هر روز قربانگاهہ تي ٻہ هڪ سالا گھيٽا هميشہ پيش ڪندا رهن.
39
انهن مان هڪڙو گھيٽو صبح جو ۽ ٻيو سانجھيءَ جو قربان ڪن.
40
پهرئين گھيٽي سان گڏ هڪ ڪلوگرام ميدو ڏين، جنهن ۾ هڪ ليٽر ڪُٽي ڪڍيل زيتون جو تيل مليل هجي. ان سان گڏ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.
41
ٻيو گھيٽو هو سانجھيءَ جو قربان ڪن ۽ انهيءَ سان گڏ بہ صبح وانگر اناج ۽ اوتڻ واري قرباني ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واري قرباني ٿئي، جا ساڙي وڃي ٿي.
42
اها ساڙڻ واري قرباني اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ٿيندي، جيڪا مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ مون خداوند جي آڏو ڪئي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان ڳالهائيندس ۽ اوهان سان گڏبو رهندس.
43
اُتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس ۽ اهو خيمو منهنجي جلوي سان پاڪ ٿي ويندو.
44
آءٌ پنهنجي ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪندس. آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ مخصوص ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اُهي ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن.
45
آءٌ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس ۽ انهن جو خدا هوندس.
46
تڏهن اهي ڄاڻيندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان. آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.“
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40