bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Exodus 39
Exodus 39
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 40 →
1
پوءِ مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ وارن ڪاهنن لاءِ انهن ڪاريگرن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن مان عمديون پوشاڪون ٺاهيون. هارون لاءِ بہ خاص پوشاڪ ٺاهيائون. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
2
هنن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان مذهبي فراڪ ٺاهيو.
3
هنن سون کي ڪُٽي ڪُٽي سنها ورق بڻايا، جن کي ڪَٽي سنهيون تارون ٺاهيائون، انهيءَ لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان اُڻين.
4
مذهبي فراڪ کي ڳنڍڻ لاءِ هنن ٻہ پٽيون بہ ٺاهيون، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.
5
مذهبي فراڪ تي ڪاريگريءَ سان اُڻيل هڪڙو ڪمربند ڳنڍيو ويو. اهو بہ ساڳئي ٽڪري ۽ ساڳيءَ ئي بناوت وارو هو، يعني اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو هو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
6
هنن سليماني پٿر جا ٽڪرا گھڙي سون جي خانن ۾ جڙي ڇڏيا. انهن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪريا ويا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.
7
انهن کي مذهبي فراڪ جي ڪلهي وارين پٽين تي هنيائون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي يادگيريءَ جا پٿر ٿين. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
8
هنن هڪڙو سينابند بہ ٺاهيو جيڪو مذهبي فراڪ وانگر آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو ٺهيل هو، جنهن تي ماهر ڪاريگر جو ڪم ٿيل هو.
9
اهو سينابند هنن چورس ۽ ٻٽو بڻايو هو، جنهن جي ڊيگھہ هڪڙي گرانٺ ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هئي.
10
هنن انهيءَ ۾ قيمتي هيرن جواهرن جون چار قطارون جڙيون: پهرينءَ قطار ۾ لعل، پکراج ۽ شبچراغ،
11
ٻيءَ قطار ۾ زمرد، نيلم ۽ هيرو،
12
ٽينءَ قطار ۾ سنبلي، عقيق ۽ ياقوت
13
۽ چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد. اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.
14
اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هئا. جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهن ٻارهن ئي قبيلن جا نالا هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هئا.
15
هنن سينابند تي ٻڌڻ لاءِ وٽيل رسيءَ جهڙيون نج سون جون ٻہ زنجيرون ٺاهيون.
16
هنن سون جا ٻہ خانا ۽ ٻہ ڇلا ٺاهيا. اهي ڇلا سينابند جي ٻنهي مٿين ڇيڙن ۾ وڌائون.
17
هنن اهي ٻہ سونيون زنجيرون، سينابند جي ٻنهي ڇيڙن تي لڳل ٻن ڇلن ۾ وڌيون.
18
انهن زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻنهي خانن ۾ جڙي انهن کي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳئين پاسي کان لڳايائون.
19
هنن سون جا ٻہ ڇلا ٻيا بہ ٺاهيا. اهي سينابند جي هيٺين ٻنهي پاسن تي انهيءَ ڪناري ۾ لڳايائون، جيڪو مذهبي فراڪ مٿان سينابند جي اندرئين پاسي ڏانهن هو.
20
هنن سون جا ٻہ ڇلا ٻيا بہ ٺاهيا. اهي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳ واري پاسي تي لڳايائون، جتي اهي هيٺئين پاسي مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل هئا ۽ جتي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل هو.
21
هنن سينابند ۽ مذهبي فراڪ ٻنهي جا ڇلا هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌي ڇڏيا، انهيءَ لاءِ تہ سينابند مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند جي مٿان رهي ۽ انهيءَ تان هٽي نہ وڃي. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
22
هنن مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو سڄو جبو آسماني رنگ جو بڻايو.
23
انهيءَ جبي جي وچ تي مٿي وجھڻ لاءِ هڪ سوراخ ٺاهيائون. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هنيائون تہ جيئن اهو ڦاٽي نہ پوي.
24
هنن انهيءَ جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ سان ڏاڙهون ٺاهيا.
25
نج سون جون گھنڊڻيون ٺاهي هنن اُهي جبي تي دامن جي چوڌاري، انهن ڏاڙهن جي وچ ۾ ٻڌي ڇڏيون.
26
اهڙيءَ طرح عبادت وقت پهرڻ واري جبي جي دامن تي چوڌاري هڪڙي گھنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون، وري هڪڙي گھنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون هنيائون. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
27
هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا پهراڻ ٺاهيا.
28
اهڙيءَ طرح پڳ ۽ ٽوپيون سنهي سڻيءَ مان ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان سٿڻون ٺاهيائون.
29
هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي مان ڀرت جي ڪم سان هڪڙو پٽو ٺاهيو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
30
هنن نج سون مان هڪڙي تختي ٺاهي ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ” خداوند جي لاءِ مخصوص.“
31
انهيءَ کي هنن هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان هارون ڪاهن جي پڳ جي مٿان ٻڌي ڇڏيو. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
32
اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
33
پوءِ هنن اهو مقدس خيمو سموري سامان سميت موسيٰ وٽ آندو. سامان ۾ هي شيون شامل هيون: خيمي جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ انهن جا پاوا،
34
گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو غلاف، ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو غلاف ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو،
35
عهد واري صندوق ، انهيءَ جون ٻانهيون ۽ صندوق جو رحمت جو پوش،
36
ميز، انهيءَ جا سمورا ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ،
37
پاڪ شمعدان، انهيءَ تي رکڻ لاءِ ڏيئا، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ ڏيئن ٻارڻ جو تيل،
38
لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي وارو پردو،
39
ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پتل جي قربانگاهہ، انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،
40
اڱڻ جي قنات، انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت، اڱڻ جي دروازي جو پردو، انهيءَ جا رسا، انهيءَ جون ڪليون ۽ مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪرڻ واسطي باقي سامان،
41
مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن جي خاص پوشاڪ، سندس پٽن جون خاص پوشاڪون، جن کي پائي هو ڪاهن واري خدمت ڪن.
42
مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو.
43
موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 40 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40