bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 1
2 Chronicles 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 2 →
1
۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.
2
۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.
3
۽ سليمان سڄيءَ جماعت سميت جبعون جي مٿانهين جاءِ تي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خدا جي جماعت وارو تنبو لڳل هو، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.
4
پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.
5
پر پتل جو اُهو قربانگاهہ جو بضلي ايل بن اوري بن حور ٺاهيو هو، سو خداوند جي تنبوءَ جي اڳيان اتي هو؛ ۽ سليمان انهيءَ جماعت سميت اتي ويو.
6
۽ سليمان انهيءَ پتل جي قربانگاهہ وٽ آيو جو خداوند جي اڳيان جماعت جي تنبوءَ ۾ هو، ۽ انهي تي هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيائين.
7
انهيءَ رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ جيڪي گهرين سو گهر تہ آءٌ توکي ڏيان.
8
۽ سليمان خدا کي چيو تہ تو منهنجي پيءُ دائود کي وڏي مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو اٿيئي.
9
هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو عهد اقرار تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو آهي سو شل قائم رهي: ڇالاءِ جو تو مون کي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ ڪيو آهي جا زمين جي مٽيءَ جهڙي بيشمار آهي.
10
هاڻي مون کي علم ۽ عقل ڏي تہ آءٌ ماڻهن جي اڳيان ٻاهر نڪري وڃان ۽ اندر اچان: ڇالاءِ جو تنهنجي قوم جا ههڙي وڏي آهي، تنهن جي ڪير عدالت ڪري سگهندو؟
11
۽ خدا سليمان کي چيو تہ جڏهن اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي، ۽ تو مال ۽ دولت، ۽ عزت نہ گهري آهي، ۽ نہ پنهنجن دشمنن جي حياتي گهري اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گهري اٿيئي؛ بلڪ پنهنجي لاءِ علم ۽ عقل گهريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن منهنجي قوم تي مون توکي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، تنهن جي عدالت ڪرين:
12
تڏهن عقل ۽ علم توکي ڏنو ٿو وڃي؛ ۽ آءٌ توکي مال، ۽ دولت، ۽ عزت، اهڙي ڏيندس جهڙي توکان اڳي جي بادشاهہ ٿي گذريا آهن، تن مان ڪنهن کي نہ هئي، ۽ نہ توکان پوءِ ڪنهن کي اهڙي ملندي.
13
پوءِ سليمان جبعون واريءَ مٿانهين جاءِ تان جماعت جي تنبوءَ جي اڳيان هلي، يروشلم ۾ آيو؛ ۽ هو اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
14
۽ سليمان گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار گڏ ڪيا: ۽ هن وٽ هڪ هزار چار سؤ گاڏيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا، جي هن گاڏين وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ رکيا.
15
۽ بادشاهہ چاندي ۽ سون کي يروشلم ۾ پٿرن جهڙو عام ڪري ڇڏيو، ۽ سرو جي ڪاٺين کي اهڙو ڪيائين جهڙا گولر جا وڻ، جي هيٺانهين زمين ۾ بيشمار ٿيندا آهن.
16
۽ جيڪي گهوڙا سليمان وٽ هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ بادشاهہ جا سوداگر گلن جا گلا وٺي ايندا هئا، ۽ هرهڪ گلي جو ڌار ملهہ ڏيندا هئا.
17
۽ انهن مصر مان، چانديءَ جا ڇهہ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙي گاڏي آندي، ۽ ڏيڍ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙو گهوڙو آندو: ۽ انهيءَ طرح حتين جي سڀني بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن جي لاءِ بہ اُهي خريد ڪري آندائون.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36