bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 36
2 Chronicles 36
Sindhi Bible
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
1
تڏهن ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي سندس پيءُ جي جاءِ تي يروشلم ۾ بادشاهہ ڪيو.
2
جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.
3
۽ مصر جي بادشاهہ هن کي يروشلم جي تخت تان لاهي ڇڏيو ۽ ملڪ تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ سون جي هڪ قنطار جو ڏنڊ رکيو.
4
۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو.
5
جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
6
انهيءَ تي وري بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ بابل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ هن کي زنجيرن سان ٻڌائين.
7
نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا.
8
هاڻي يهويقيم جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هن ڪيا، ۽ جيڪي هن ۾ ڏٺو ويو، سو ڏسو، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
9
جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
10
۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين.
11
جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي:
12
۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ خراب هئا؛ هن يرمياہ نبيءَ جي اڳيان پاڻ کي نماڻو نہ ڪيو، جنهن خداوند جي واتان ٿي ڳالهايو.
13
۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.
14
تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو.
15
۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:
16
پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.
17
تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.
18
۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.
19
۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.
20
۽ جيڪي ترار کان بچي نڪتا هئا، تن کي هو بابل ڏي وٺي ويو: اهي هن ۽ هن جي پٽن جا ٻانها ٿيا، جيسين ڪ فارس جي بادشاهت نہ آئي:
21
انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.
22
هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهي لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي ساري بادشاهت ۾ منادي ڪرائي ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين، ۽ چيائين تہ
23
فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36