bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 14
2 Chronicles 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 15 →
1
پوءِ ابياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، ۽ آسا سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو: هن جي ڏينهن ۾ ڏهن ورهين تائين ملڪ ۾ آرام هو.
2
۽ آسا جيڪي ڪيو سو خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ برابر هو:
3
ڇالاءِ جو هن ڌاريون قربانگاهون، ۽ مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون، ۽ ٿنڀ ڀڃائي ڪيرائي، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين؛
4
۽ بني يهوداہ کي حڪم ڏنائين تہ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڳولين ۽ شريعت ۽ حڪمن موجب عمل ڪن.
5
۽ هن يهوداہ جي سڀني شهرن مان مٿانهيون جايون، ۽ سج جون مورتيون بہ ڪڍي ڇڏيون: ۽ سندس اڳيان بادشاهت آرام ۾ هئي.
6
۽ هن يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر اڏيا: ڇالاءِ جو ملڪ ۾ آرام هو، ۽ انهيءَ زماني ۾ جنگ ڪانہ هئي؛ جو خداوند هن کي آرام ڏنو هو.
7
۽ هن يهوداہ کي چيو تہ اچو تہ هيءُ شهر ٻڌون، ۽ انهن جي چوڌاري ڀتيون، ٺلهہ، ۽ دروازا، ۽ گز جوڙيون؛ زمين اڃا اسان جي اڳيان آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليو آهي؛ اسان هن جي طلب رکي آهي، ۽ هن اسان کي سڀ ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي. انهيءَ طرح هنن شهر ٻڌا، ۽ سک ۾ گذارڻ لڳا.
8
۽ آسا وٽ يهوداہ مان ٽن لکن جو هڪڙو لشڪر هو، جي سپرون ۽ نيزا کڻندا هئا؛ ۽ بنيمين مان ٻن لکن ۽ اسي هزارن جو لشڪر هو، جي ڍالون کڻندا هئا ۽ ڪمان ڪشيندڙ هئا؛ ۽ اهي سڀئي بهادر ۽ همت وارا مرد هوندا هئا.
9
پوءِ زارح حبشيءَ، ڏهن لکن جو هڪڙو لشڪر ۽ ٽي سؤ گاڏيون وٺي هنن تي چڙهي آيو، ۽ هو مريسہ تائين آيو،
10
تڏهن آسا هن جي مقابلي لاءِ نڪري ويو، ۽ مريسہ وٽ صفاتہ جي واديءَ ۾ هو صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳا.
11
۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.
12
انهيءَ طرح خداوند حبشين کي آسا جي اڳيان ۽ يهوداہ جي اڳيان شڪست ڏني؛ ۽ حبشي اُٿي ڀڳا.
13
۽ آسا ۽ جيڪي ساڻس ماڻهو هئا، سي هنن جي پٺيان جرار تائين ويا: ۽ حبشين مان ايترا ماڻهو مئا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي اڳيان ۽ سندس لشڪر جي اڳيان ناس ٿي ويا؛ ۽ هنن تمام گهڻو لٽ جو مال هٿ ڪيو.
14
۽ جرار جي آس پاس هنن سڀ شهر فتح ڪيا؛ ڇالاءِ جو خداوند جو خوف هنن تي اچي پيو: ۽ هنن سڀني شهرن کي لٽيو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ گهڻو لٽ جو مال هو.
15
هنن چوپائي مال جا تنبو بہ لٽيا، ۽ بيشمار رڍون ۽ اُٺ کڻي موٽي يروشلم ۾ آيا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36