bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 3
2 Chronicles 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
1
تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.
2
۽ اهو گهر جوڙڻ جو ڪم هن پنهنجي بادشاهت جي چوٿين سال جي ٻئي مهيني جي ٻي تاريخ شروع ڪيو.
3
هاڻي خداوند جي گهر جي جوڙڻ لاءِ هي بنياد وڌا ويا. اڳئين ماپ موجب ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.
4
۽ جيڪو ورانڊو گهر جي اڳيان هو، تنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب، ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي هڪ سؤ ويهہ هٿ: ۽ انهي کي اندران هن سون مڙهايو.
5
۽ وڏي گهر جي ڇت هن صنوبر جي ڪاٺ جي جوڙائي، جنهن تي هن عمدو سون مڙهايو، ۽ انهن تي کجين جا وڻ ۽ زنجير ڪڍرايائين.
6
۽ زينت جي لاءِ هن انهيءَ گهر کي قيمتي پٿر جَڙايا، ۽ سون بہ پروائم جو سون هو.
7
۽ هن گهر تي بہ، يعني ان جي ڪامن، ۽ چانئٺ، ۽ ڀتين، ۽ درن تي بہ، سون مڙهايو؛ ۽ ڀتين تي ڪروبي اُڪرايائين.
8
۽ هن تمام پاڪ گهر جوڙيو؛ جنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب ويهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ: ۽ انهيءَ تي هن عمدو سون ڇهہ سؤ قنطارن جيترو مڙهايو.
9
۽ ڪلين جي تور سون جا پنجاهہ شيڪل هئي، ۽ مٿين ڪوٺين کي هن سون مڙهايو.
10
۽ تمام پاڪ جاءِ ۾، هن ٻہ ڪروبي مورتن جي نموني تي ٺهرايا؛ ۽ انهن تي هنن سون مڙهيو.
11
۽ انهن ڪروبين جا پر ويهہ هٿ ڊگها هئا: هڪڙي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو؛ ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر تائين ٿي پهتو.
12
۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو: ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو، جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر سان وڃي ٿي گڏيو.
13
انهن ڪروبين جا پر پکيڙ ۾ ويهہ هٿ ٿي ٿيا: ۽ اهي پنهنجن پيرن تي بيٺل هئا، ۽ انهن جا منهن گهر ڏي هئا.
14
۽ هن پردو نيلي، ۽ واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ جو ۽ ڪتاني ڪپڙي جو جوڙيو، ۽ انهيءَ تي ڪروبي ڪڍيائين.
15
هن گهر جي اڳيان ٻہ ٿنڀ پنجٽيهن هٿن جا جوڙايا، ۽ انهن مان هرهڪ جي چوٽيءَ تي جيڪو ڇٽ هو سو پنج هٿ هو.
16
۽ هن پاڪ مڪان ۾ زنجير جوڙي انهن ٿنڀن جي چوٽين تي رکيا؛ ۽ هن هڪ سؤ ڏاڙهون جوڙائي، انهن زنجيرن تي وڌا.
17
هن اهي ٿنڀ هيڪل جي اڳيان کڙا ڪيا، ۽ هڪڙو سڄي هٿ پاسي، ٻيو کٻي هٿ پاسي، جيڪو سڄي پاسي هو تنهن تي ياڪين جو نالو رکيائين، ۽ جيڪو کٻي هو تنهن جو بوعز نالو رکيائين.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36