bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 10
2 Chronicles 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
1
۽ رحبعام سڪم ڏانهن ويو: ڇالاءِ جو سڀ اسرائيلي هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آيا هئا.
2
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام بن نباط اها ڳالهہ ٻڌي، (ڇالاءِ جو هو مصر ۾ هو جتي هو سليمان جي منهن پوڻ کان ڀڄي ويو هو)، تڏهن يربعام مصر مان موٽي آيو.
3
۽ هنن انهيءَ کي گهرائي ورتو؛ پوءِ يربعام ۽ سڀ اسرائيلي آيا، ۽ رحبعام کي چوڻ لڳا تہ،
4
تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري سخت ڪئي: تنهنڪري هاڻي تون پنهنجي پيءُ جي خدمت چاڪري، ۽ جيڪا ڳري پاڃاري هن اسان تي رکي هئي، سا هلڪي ڪر، تہ اسين پوءِ تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.
5
۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين ٽن ڏينهن کانپوءِ مون وٽ اچجو. تنهن تي ماڻهو هليا ويا.
6
۽ بادشاهہ رحبعام انهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي اڳيان سندس جيئري بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟
7
۽ هنن چيس تہ جي تون هنن ماڻهن تي مهربان ٿيندين، ۽ هنن کي خوش رکندين، ۽ هنن سان چڱيءَ طرح ڳالهائيندين، تہ هو هميشہ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.
8
پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن نہ ورتي، ۽ جيڪي جوان ماڻهو ساڻس گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، ۽ جي سندس اڳيان بيهندا هئا، تن سان هن صلاح مشورت ڪئي.
9
۽ هن انهن کي چيو تہ هي ماڻهو، جن مون کي چيو آهي تہ جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي آهي سا تون هلڪي ڪر، تن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟
10
تڏهن انهن جوان ماڻهن جي ساڻس پلجي وڏا ٿيا هئا تن چيس، تہ هي ماڻهو جي توکي چون ٿا تہ تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر تون اسان جي لاءِ هلڪي ڪر، تن کي تون چئُہ تہ منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.
11
۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي، تڏهن آءٌ اوهان جي پاڃاري اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.
12
پوءِ يربعام ۽ ٻي سڄي قوم ٽئين ڏينهن رحبعام وٽ آئي، جو بادشاهہ حڪم ڪيو هون، تہ وري ٽئين ڏينهن مون وٽ اچجو.
13
۽ بادشاهہ هن کي کهرو جواب ڏنو؛ ۽ بادشاهہ رحبعام پير مردن جي صلاح ڇڏي ڏني.
14
۽ جوان ماڻهن جي صلاح موجب هنن کي چيائين تہ، منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ اڃا بہ زيادہ ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.
15
انهيءَ طرح بادشاهہ ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي؛ ڇالاءِ جو اها خدا جي ڪيل رٿ هئي، تہ جيڪو ڪلام خداوند اخياہ سيلانيءَ جي معرفت يربعام بن نباط سان ڪيو هو، سو قائم ٿئي.
16
۽ جڏهن سڄي اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ اسان جي ڳالهہ نہ ٿو ٻڌي، تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان جو دائود ۾ ڪهڙو حصو آهي؟ يسيءَ جي پٽ ۾ اسان جو ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، اوهين سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن هليا وڃو: هاڻي اي دائود، پنهنجي گهر جي سنڀال رک. تڏهن سڀ اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.
17
پر جيڪي بني اسرائيل يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن تي رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو.
18
تڏهن هدورام، جو ڀرتي ڪرڻ تي مقرر هو، تنهن کي بادشاهہ رحبعام موڪليو؛ ۽ بني اسرائيل انهيءَ کي پٿرن سان سنگسار ڪيو، جنهنڪري هو مري ويو. تنهن تي بادشاهہ رحبعام تڪڙو ٿي پنهنجيءَ گاڏيءَ تي چڙهيو، ۽ يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.
19
ائين اسرائيلي دائود جي گهراڻي کان اڄ ڏينهن تائين باغي آهن.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36