bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 18
2 Chronicles 18
Sindhi Bible
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
1
هاڻي يهوسفط جي دولت ۽ عزت بي انداز هئي؛ هن اخي اب سان مائٽي ڳنڍي.
2
۽ ڪن ورهين کانپوءِ هو سامريہ ۾ اخي اب وٽ ويو. ۽ اخي اب هن جي لاءِ، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن لاءِ تمام گهڻيون رڍون ۽ ڏاند ڪُٺا، ۽ هن کي چوريائين تہ ساڻس گڏ رامات جلعاد ڏي هلي.
3
۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏي هلندين يا نہ؟ هن ورندي ڏني تہ جهڙو تون آهين تهڙو آءٌ آهيان، ۽ منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا؛ ۽ اسين توسان جنگ ۾ شامل ٿينداسين.
4
۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ڀلائي ڪري اڄ خداوند جي ڪلام جي پڇا ڪر.
5
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ چار سؤ نبي گڏ ڪيا، ۽ انهن کي چيائين تہ اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن وڃون، يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خدا انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.
6
پر يهوسفط چيو تہ هنن کانسواءِ هتي ڪو ٻيو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇا ڪريون؟
7
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگهون ٿا: پر انهيءَ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪڏهن بہ چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري، پر هميشہ خراب ٿو ڪري: اهو آهي ميڪاياہ بن املہ. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ ائين نہ چوي.
8
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ هڪڙي عملدار کي سڏي چيو تہ جلدي وڃي ميڪاياہ بن املہ کي وٺي اچ.
9
هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ، پنهنجي پنهنجي تخت تي پنهنجي پوشاڪ ڍڪيو، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ وٽ هڪڙي کليل جاءِ تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين انهن جي اڳيان پيشنگوئي پئي ڪئي.
10
۽ صدقياہ بن ڪنعنہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي ڌڪيندين، جيستائين اُهي کپي ناس ٿي نہ وڃن.
11
۽ سڀني نبين بہ اهڙي ئي پيشنگوئي ڪئي، ۽ چيائون تہ ڀلي رامات جلعاد ڏانهن وڃ، ۽ مراد حاصل ڪر: ڇالاءِ جو انهيءَ کي خداوند بادشاهہ جي حوالي ڪندو.
12
پوءِ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن هن کي چيو تہ ڏس، سڀ نبي بالاتفاق بادشاهہ کي خوشخبري ٿا ڏين: تنهنڪري ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ چڱي خبر ڏج.
13
تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.
14
۽ جڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو، تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي ميڪاياہ، اسين رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ وڃون يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ ۽ هن چيو تہ ڀلي اوهين وڃو تہ مراد حاصل ڪريو؛ ۽ هو اوهان جي هٿن ۾ ڏنا ويندا.
15
تڏهن بادشاهہ چيس تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيان تہ تون خداوند جي نالي تي مون کي سچ ٻڌاءِ.
16
۽ هن چيو تہ مون اسرائيل کي جبلن تي ائين پکڙيل ڏٺو جيئن نڌڻڪيون رڍون هونديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ ڀلي تہ هو سڀ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.
17
۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ مون توکي ڪين چيو تہ هو منهنجي نسبت ۾ چڱي پيشنگوئي نہ ڪندو پر بڇڙي ڪندو؟
18
۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو ڪل لشڪر ان جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي بيٺو هو.
19
۽ خداوند چيو تہ ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب کي ڌتاريندو تہ هو چڙهي وڃي ۽ رامات جلعاد ۾ وڃي ڪري؟ تڏهن هڪڙي هڪڙيءَ طرح جي ڳالهہ ڪئي، ۽ ٻئي ٻيءَ طرح جي ڳالهہ ڪئي.
20
۽ هڪڙو روح نڪري آيو، ۽ خداوند جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ آءٌ هن کي ڌتاريندس، ۽ خداوند چيس تہ ڇا سان؟
21
۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري ويندس ۽ هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين، ۽ هن تي غالب بہ پوندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.
22
تنهنڪري هاڻي ڏس هنن تنهنجن نبين جي وات ۾ خداوند هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ خراب خبر ٻڌائي آهي.
23
تڏهن صدقياہ بن ڪنعنہ ويجهو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هڻي چيو تہ خداوند جو روح مون مان نڪري توسان ڳالهائڻ لاءِ ڪهڙي پاسي ويو؟
24
۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، تون انهيءَ ڏينهن ڏسندين، جڏهن پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندين.
25
۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ اوهين ميڪاياہ کي شهر جي حاڪم امون، ۽ بادشاهہ جي پٽ يوآس وٽ موٽائي وٺي وڃو؛
26
۽ چئو تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي، تہ هن شخص کي قيد ۾ وجهو ۽ مصيبت جي ماني کارايوس ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيستائين آءٌ صحيح سلامت موٽي اچان.
27
تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جي تون ڪڏهن بہ صحيح سلامت موٽئين، تہ خداوند منهنجي معرفت نہ ڳالهايو آهي. ۽ هن چيو تہ اوهين سڀ اها ڳالهہ ٻڌو.
28
پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، رامات جلعاد ڏانهن ويا.
29
۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو، تہ آءٌ ويس بدلائي جنگ تي هلندس؛ پر تون پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪ، سو اسرائيل جي بادشاهہ ويس بدلايو، ۽ هو جنگ تي ويا.
30
هاڻي ارام جي بادشاهہ پنهنجن رٿن جي سردارن کي حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي بادشاهہ کانسواءِ نڪي ننڍي نڪي وڏي سان وڙهجو.
31
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ اسرائيل جو بادشاهہ اهو آهي تنهنڪري هو ڦري هن سان وڙهڻ لڳا: پر يهوسفط دانهن ڪئي ۽ خداوند هن کي مدد ڏني، ۽ خدا هنن جي دل ۾ وڌو، ۽ هو انهيءَ کي ڇڏي هليا ويا.
32
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ ناهي، تڏهن هو انهيءَ جي پٺيان پوڻ کان موٽي ويا.
33
۽ هڪڙي ماڻهوءَ اوچتو پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي تير هنيو، جو هن جي زرهہ جي سَنڌن جي وچ ۾ وڃي لڳو: جنهنڪري هن رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڦيرائي مون کي لشڪر مان ڪڍي ٻاهر وٺي هل؛ ڇالاءِ جو آءٌ سخت ڦٽجي پيو آهيان.
34
۽ انهيءَ ڏينهن جنگ سخت لڳي: انهيءَ هوندي بہ اسرائيل جو بادشاهہ پاڻ کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ جهليو بيٺو هو ۽ شام تائين ارامين سان جنگ پئي ڪيائين: ۽ سج لهڻ جي وقت هو مري ويو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36