bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 17
2 Chronicles 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 18 →
1
۽ ان جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو، ۽ اسرائيل جي برخلاف پاڻ کي مضبوط ڪيائين.
2
۽ يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ هن لشڪر رکيا، ۽ يهوداہ جي زمين ۽ جيڪي افرائيم جا شهر سندس پيءُ آسا ورتا هئا، تن ۾ پهري وارا لشڪر رکيائين.
3
۽ خداوند يهوسفط سان هو، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ دائود جي رستي تي هليو ۽ بعليم جي طلب نہ ٿي رکيائين:
4
پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.
5
تنهن ڪري خداوند بادشاهت انهيءَ جي هٿ ۾ قائم ڪئي، ۽ سڄي يهوداہ يهوسفط وٽ نذرانا آندا؛ ۽ هن وٽ دولت ۽ عزت نهايت گهڻي ٿي.
6
۽ هن جي دل خدا جي ڪمن ۾ تمام مگن رهي: ۽ هن يهوداہ مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون ڪڍي ڇڏيون.
7
۽ پنهنجي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هن پنهنجن سردارن بن خيل، ۽ عبدياہ، ۽ زڪرياہ، ۽ نتنئيل ۽ ميڪاياہ کي موڪليو تہ يهوداہ جي شهرن ۾ تعليم ڏين.
8
۽ انهن سان گڏ لاوي موڪليائين، يعني سمعياہ، ۽ نتنياہ، ۽ زبدياہ، ۽ عساهيل، ۽ سميراموت، ۽ يهونتن، ۽ ادونياہ، ۽ طوبياہ، ۽ طوب ادونياہ، جي سڀ لاوي هئا؛ ۽ انهن سان اليسمع ۽ يهورام ڪاهن بہ موڪليائين.
9
۽ انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي انهن يهوداہ ۾ تعليم ڏني؛ ۽ هو يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ گهميا، ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون.
10
۽ يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف نازل ٿيو، جنهن ڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي.
11
۽ ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ڍل طور آڻي ڏني؛ عربن بہ هن کي ڌڻ آڻي ڏنا، ست هزار ست سؤ گهٽا، ۽ ست هزار ست سؤ ٻڪر.
12
۽ يهوسفط تمام وڏي مرتبي وارو ٿي ويو؛ ۽ هن يهوداہ ۾ قلعا ۽ گدام جا شهر ٺهرايا.
13
۽ يهوداہ جي شهرن ۾ هن کي گهڻائي ڪم هئا؛ ۽ يروشلم ۾ جنگي پهلوان ۽ همت وارا بهادر مرد هئا.
14
۽ انهن جو شمار سندن ابن جي گهراڻن موجب هيئن هو: يهوداہ مان هزارن جا سردار؛ عدنہ سردار؛ ۽ ساڻس ٽي لک همت وارا بهادر مرد هئا؛
15
انهيءَ کانپوءِ، يهوحنان سردار، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک اسي هزار هئا؛
16
۽ انهيءَ کانپوءِ عمسياہ بن زڪري، جنهن خوشيءَ سان پاڻ کي خداوند جي لاءِ حاضر ڪيو؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ لک همت وارا بهادر مرد هئا:
17
۽ بنيمين مان؛ اليدع، جو هڪڙو همت وارو بهادر مرد هو، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک ڪمانن ۽ سپرن وارا ماڻهو هئا:
18
۽ انهيءَ کانپوءِ يهوزبد، ۽ انهيءَ سان هڪ لک اسي هزار ماڻهو هئا، جي جنگ جي لاءِ بلڪل تيار هئا.
19
هي اُهي هئا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ حاضر رهندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ اُهي، جن کي بادشاهہ سڄي يهوداہ ۾ قلعن وارن شهرن ۾ رکيو هو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36