bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 6
2 Chronicles 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 7 →
1
تڏهن سليمان چوڻ لڳو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.
2
پر مون تنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، ۽ هڪڙي اهڙي جاءِ جوڙي اٿم جتي تون هميشہ رهين.
3
پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن ڦيرائي اسرائيل جي سڄي جماعت کي دعا ڏني ۽ اسرائيل جي سڄي جماعت اُٿي بيٺي.
4
۽ هن چيو تہ شل خداوند اسرائيل جو خدا برڪت وارو هجي، جنهن منهنجي پيءُ دائود سان پنهنجي واتان ڳالهايو، ۽ پنهنجن هٿن سان اهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ
5
جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي فرقن منجهان مون ڪوبہ شهر پنهنجي گهر جوڙڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو، تہ منهنجو نالو اتي رهي؛ نڪي مون ڪو ماڻهو پنهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو:
6
پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.
7
هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.
8
پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ جڏهن تنهنجي دل ۾ هو تہ منهنجي نالي تي هڪڙو گهر جوڙين، تڏهن جيڪو ارادو دل ۾ ڪيو اٿيئي سو چڱو آهي:
9
انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين؛ پر تنهنجو پٽ جو تنهنجي پٺ مان نڪرندو، اهو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.
10
۽ خداوند جيڪو ڪلام ڪيو هو سو هن پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند انجام ڪيو هو، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.
11
انهيءَ هنڌ مون اُها صندوق رکي آهي جنهن ۾ خداوند جو عهد اقرار آهي، جو هن بني اسرائيل سان ڪيو.
12
پوءِ هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي روبرو، اُٿي بيٺو ۽ پنهنجا هٿ مٿي کنيائين:
13
(ڇالاءِ جو سليمان هڪڙو پتل جو منبر، پنج هٿ ڊگهو، ۽ پنج هٿ ويڪرو، ۽ ٽي هٿ اوچو، جوڙيو هو، ۽ اُهو ايوان جي وچ ۾ رکيو هئائين؛ ۽ انهيءَ تي هو اُٿي بيٺو ۽ اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي اڳيان هن گوڏا کوڙيا ۽ پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کنيائين)
14
۽ هن چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو جهڙو ٻيو خدا ڪونهي، نہ آسمان ۾ نہ زمين ۾؛ تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو جي پنهنجي سموريءَ دل سان تنهنجي اڳيان ٿا هلن:
15
تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان جيڪو انجام ڪيو هو سو پورو ڪيو آهي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو ۽ پنهنجي هٿ سان اهو پورو ڪري ڏيکاريو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.
16
تنهنڪري هاڻي اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو انجام تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي، سو پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي روبرو تو وٽ ماڻهو ڪونہ کٽندو؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪندو، ۽ منهنجي شريعت تي هلندو، جيئن ڪ تون منهنجي اڳيان هليو آهين.
17
تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو، سو ڀلي تہ سچو ٿئي.
18
پر خدا سچ پچ زمين تي ماڻهن سان گڏ رهندو ڇا؟ ڏس، تون آسمان ۽ آسمانن جي آسمان ۾ سمائجي نٿو سگهين: تڏهن هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگهندين!
19
انهيءَ هوندي بہ اي خداوند منهنجا خدا، تون پنهنجي ٻانهي جي دعا، ۽ انهي جي زاريءَ کي مان ڏي، ۽ جيڪا دعا، ۽ فرياد تنهنجو ٻانهو تنهنجي حضور ۾ ڪري ٿو سا ٻڌ،
20
تہ تنهنجيون اکيون ڏينهن ۽ رات، هن گهر ڏانهن کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏانهن جنهن جي نسبت ۾ تو چيو آهي تہ تون انهيءَ تي پنهنجو نالو رکندين؛ ۽ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو هن جاءِ ڏانهن ڪري سا ٻڌندين.
21
۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو عرض، جڏهن هو هن جاءِ ڏانهن ڪن تڏهن ٻڌج: هائو، پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان، يعني آسمان مان ٻڌج؛ ۽ جڏهن ٻڌين تڏهن بخشج.
22
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو گناهہ ڪري، ۽ هن تي زور رکيو وڃي تہ هو قسم کڻي، ۽ جڏهن هو اچي هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ جي اڳيان قسم کڻي:
23
تہ تون آسمان مان ٻڌج، ۽ ڪم ڪج ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي بدلو ڏيئي سندس رستو خود سندس مٿي تي آڻج، ۽ سچار کي سچو ٺهرائي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.
24
۽ جيڪڏهن تنهنجي قوم اسرائيل دشمن جي اڳيان شڪست کائي، هن ڪري جو اُنهيءَ تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو هجي؛ ۽ وري توبهہ ڪري تنهنجو نالو مڃي، ۽ هن گهر ۾ تنهنجي اڳيان دعا گهري ۽ فرياد زاري ڪري:
25
تہ تون آسمان مان ٻڌج، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهن کي وري انهيءَ زمين ۾ آڻج جا تو انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي.
26
جڏهن آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن ڪونہ وسي، هن ڪري جو هنن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو هجي؛ تڏهن جي هو هن جاءِ ڏانهن دعا گهرن، ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ تنهنجي مٿن مصيبت وجهڻ ڪري، پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪن:
27
تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهيءَ وقت هنن کي ڪو چڱو رستو سيکارج تہ انهيءَ تي هلن، ۽ انهيءَ پنهنجي زمين تي مينهن موڪلج، جا تو ورثو ڪري پنهنجي قوم کي ڏني آهي.
28
جيڪڏهن انهيءَ زمين ۾ ڏڪار پوي، جي وبا پوي، جي جهولو يا رتي، مڪڙ يا سوٻٽ پون؛ جي دشمن انهن کي سندن شهرن جي زمين ۾ گهيرو ڪن؛ ڪهڙو بہ طاعون يا ڪهڙو بہ مرض هجي؛
29
ڪهڙي بہ دعا يا دانهن ڪو هڪڙو ماڻهو، يا تنهنجي ساري اسرائيل قوم ڪري، جن مان سڀ ڪو پنهنجو پنهنجو مرض، ۽ پنهنجو پنهنجو ڏک معلوم ڪري، ۽ پنهنجا هٿ هن گهر ڏانهن کڻي:
30
تہ تون آسمان ۾ پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ مان ٻڌج ۽ بخشج، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو انهي جي دل جي توکي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون بني آدم جون دليون سڃاڻين ۽ ڄاڻين ٿو؛)
31
تہ ڀلي هو تو کان ڊڄن، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن ۾ جيستائين هو جيئرا رهن تيستائين هو تنهنجن رستن تي هلن.
32
تنهن کانسواءِ جيڪو پرديسي تنهنجي قوم اسرائيل منجهان ناهي، سو جڏهن ڪنهن پرانهين ملڪ مان، تنهنجي وڏي نالي لاءِ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن لاءِ اچي؛ ۽ اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري:
33
تڏهن تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان ٻڌج، ۽ جنهن ڪم لاءِ اهو پرديسي توکي سڏي، اهو سندس ڪم پورو ڪج؛ تہ ڀلي زمين جون سڀ قومون، تنهنجو نالو سڃاڻن ۽ توکان ڊڄن، جيئن ڪ تنهنجي قوم اسرائيل ڪري ٿي، ۽ ڀلي تہ هو ڄاڻن تہ هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان ٿو سڏجي.
34
جيڪڏهن تنهنجي قوم پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري وڃي، تہ جنهن رستي تان تون هنن کي موڪليندين، ۽ هي شهر جو تو پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن منهن ڪري توکان دعا گهرن:
35
تہ هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض آسمان مان ٻڌج ۽ انهن جو انصاف ڪج.
36
جيڪڏهن هو تنهنجي برخلاف گناهہ ڪن (ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جو گناهہ نہ ٿو ڪري) ۽ تون انهن تي ڪاوڙجين، ۽ انهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين ۽ هو انهن کي قيد ڪري ڪنهن ويجهي يا پرانهينءَ جاءِ ۾ وٺي وڃن؛
37
تہ جي انهيءَ هوندي بہ هو جنهن زمين ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن، انهيءَ ۾ پاڻ سنڀالين، ۽ توبهہ ڪن، ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ واري زمين ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگو ڪم ڪيو آهي، ۽ شرارت سان هليا آهيون؛
38
جيڪڏهن هو پنهنجيءَ سموري دل سان، ۽ پنهنجيءَ سموري جان سان، انهيءَ قيد ٿي کڄي وڃڻ واري زمين ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، ۽ جيڪو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن دعا گهرن:
39
تہ تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ واري جاءِ مان، هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض ٻڌج، ۽ انهن جو انصاف ڪج؛ ۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، تنهن کي معافي ڏج.
40
هاڻي اي منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجون اکيون کليل رهن ۽ جيڪا دعا هن گهر ۾ گهرڻ ۾ ٿي اچي، تنهن ڏانهن تون ڌيان ڪري پنهنجو ڪن ڏج.
41
تنهنڪري هاڻي اي خداوند خدا، تون پنهنجي طاقت جي صندوق سميت اُٿي پنهنجي آرامگاهہ ۾ اچ: اي خداوند خدا، ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن نجات جي پوشاڪ ڍڪين، ۽ تنهنجا پاڪ ٻانها چڱائيءَ جي ڪري خوشيون ڪن.
42
اي خداوند خدا، پنهنجي مسح ڪيل جي دعا رد نہ ڪر: پنهنجي ٻانهي دائود تي ڪيل مهربانيون ياد ڪر.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36